ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي جي ياد ۾ تعزيتي اجلاس ڪوٺايو ويو، قاتل کي جلد سزا ڏيڻ ۽ هاءِ ڪورٽ جو ڪجهه حصو لطيف آفريدي جي نالي سان منسوب ڪرڻ  جو مطالبو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته وڪيلن، ججن ۽ پبلڪ پروٽيڪشن بل تي جلد عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر اختر حسين جو چوڻ هو ته لطيف آفريدي ھن ملڪ جو آئين ٺاھيندڙن ۾ شامل هو، سندس قتل افسوس ناڪ واقعو آھي، کيس ھميشه ياد رکيو ويندو، وڪيل اڳواڻ صلاح الدين گنڊاپور چيو ته اسان جو فرض آھي ته لالا آفريدي جو مشن اڳيان وڌايون، ايڊووڪيٽ پير مظهر چيو ته اسان کي 12 مئي 2007 واري ڏھاڙي کي نه وسارڻ گهرجي، ان ڏينهن تي به وڪيلن کي سرعام روڊن تي قتل ڪيو ويو، سنڌ ھاء ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري عامر نواز وڙائچ چيو ته لطيف آفريدي گم ٿيل ماڻھن جي بازيابيءَ لاءِ آواز اٿاريو، ان موقعي تي اجلاس ۾سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو صدر ياسين آزاد،  منير اي ملڪ، خالد جاويد، مصطفيٰ لاکاني، سليم مڱريو، صلاح الدين گنڊا پور، ضياءَ الدين اعواڻ، پير مظهر، عامر وڙائچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي،