اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڪورونا صورتحال بابت اين سي او سي جي اڄوڪي اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي، ڪورونا جي ٽئين لهر کي ٽوڙڻ لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي تجويز، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻن هفتن لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪئي وڃي ته ڪورونا جي زور کي ٽوڙي سگهجي ٿو، سنڌ لاءِ وئڪسين خريد ڪرڻ جو منصوبو پائيپ لائين ۾ آهي، سنگل ڊوز واري وئڪسين تي به ويچاريو پيو وڃي، پهرين ڏسڻو پوندو ته سنگل ڊوز واري وئڪسين ڪيتري اثرائتي آهي، مون کي ٽيليفون ذريعي ٻڌايو ويو ته اڄ اين سي او سي جو اجلاس آهي، هاڻي آئون اجلاس ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهان، مون کي ڪورونا ٿي چڪو آهي پر ائنٽي باڊيز موجود آهن، تنهن هوندي به خوف آهي، دُنيا جنهن بحران مان نڪري چڪي آهي، اسان اُن بحران ۾ وڃي رهيا آهيون، سمارٽ لاڪ ڊائون ڪجهه به نه آهي، لاڪ ڊائون ٿيندو آهي يا ڪجهه به ناهي هوندو.