جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي آمد کان ٻه ڏينهن اڳ باءِ پاس تي برسات متاثرن لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي، وڏو وزير مراد علي شاهه ڪئمپ تي پهتو ته برسات متاثر پيرسن پيرن تي ڪري پيو ۽ ٻيا برسات متاثر به واهر نه ٿيڻ جون دانهون ڪندا رهيا جڏهن ته وڏي وزير کي برساتي ڪئمپ جي دوري دوران مخصوص ماڻھن سان ملاقات ڪرائي وئي جڏهن ته برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪئمپ وڏي وزير جي وڃڻ کانپوءِ 10 منٽن جي اندر ۾ پٽيو ويو آهي.