وڏي وزير جي گهوٽڪي آمد: جروار ۽ يارو لنڊ جا مسئلا حل ڪرڻ پهتو آهيان: مراد علي شاهه

0
340

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه جروار ۽ يارو لنڊ پهتو، جتي کيس برسات سبب ٿيل تباهين تي بريفنگ ڏني وئي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جروار ۽ يارو لنڊ يوسيز ۾ مسئلو آهي، حل ڪرڻ آيو آهيان، شهري آبادين مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي

مراد علي شاهه چيو ته آبادين ۾ بيمارين کان بچاءَ وارا اسپري ڪرائڻ جون هدايتون ڪيون آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو

ٻئي پاسي وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن مقامي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف شڪايتون پڻ ڪيون

ھي به پڙھندا

ٽن ضلعن ۾ تباهي مچائيندڙ پاڻيءَ کي لنگهه نه ملڻ خلاف احتجاج جاري، شٽربند ھڙتال

سنڌ جا سمورا اسڪول ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرائڻ جو فيصلو