حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄامشورو جي ضلعي انتظاميا کي حڪم ڏنو آهي ته ٻوڏ متاثرين لاءِ قائم ٽينٽ سٽيز ۾ فوري طور تي ننڍيون ننڍيون اسپتالون قائم ڪري ڳورهارين عورتن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون وڃن. عدالت حيسڪو چيف کي حڪم ڏنو ته ٽينٽ سٽيز کي هر صورت ۾ بجلي فراهم ڪئي وڃي جنهن جو بل سنڌ سرڪار ادا ڪندي. ڄامشورو واسي وڪيل ثناءُ الله ڀنگر درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته ضلعي انتظاميا کي ٻوڏ متاثرين جي مالي سهائتا ۽ رليف جي ڪمن لاءِ سنڌ سرڪار ڪروڙين رپيا رقم جاري ڪئي آهي پر انتظاميا ٻوڏ متاثرين جي سهائتا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو جي بينچ ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو رٽائرڊ ڪيپٽن فريد الدين مصطفيٰ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا. عدالت ڊي سي کي چيو ته اوهان هيستائين ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا آهن؟ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته انهن لال باغ، سيوهڻ، ڀان سيد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪيون آهن جتي کين ٻن وقتن جي ماني به فراهم ڪئي پئي وڃي. عدالت ڊپٽي ڪمشنر کي چيو ته اوهان جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي ان ۾ ڪنهن به اسپتال جو ذڪر ناهي جڏهن ته اسان ان معاملي کان به چڱي ريت آگاهه آهيون ته ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙن ۾ 6 لک متاثر عورتون ڳورهاريون آهن، انهن لاءِ بيت الخلا کان ويندي ڊسپينسري، ايمبولنس ۽ گائني وارڊ جي حوالي سان ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا جيڪي فوري طور تي انتظام مڪمل ڪري عدالت کي ايندڙ ٻڌڻي تي آگاهه ڪيو وڃي. جسٽس امجد علي سهتو ڊي سي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي ڪارڪردگي بهتر ناهي تنهن تي ڊي سي عدالت کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ سندس خلاف ڪا به شڪايت ناهي جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته جنهن ٻيڙي ۾ سي ايم سوار هجي ان جو پئٽرول ختم ٿي وڃي ان ڪارڪردگي کي اوهان بهتر ٿا چئو، پاپي جي ٿيلهي ۽ هڪ جوس لاءِ ٻوڏ متاثرين کي تڙپائي سندن تذليل ڪري مٿن لٺيون ٿا وسايو، اوهان کي دربدر ماڻهن جو ڪو احساس ناهي، هاڻي جيڪڏهن ڪنهن متاثر کي لٺ لڳي ته ايس ايس پي عدالت ۾ هوندو. سرڪاري وڪيل ڊپٽي ڪمشنر جي جان ڇڏرائڻ لاءِ وچ ۾ بار بار ڳالهائيندو رهيو ۽ اي اي جي الهبچايو سومرو چيو ته عدالت جيڪو حڪم ڪندي ان تي فوري طور عمل ڪرايو ويندو. جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته جيڪو ماڻهو سي ايم جي دوري کي اهميت نه ڏي يا وري عدالتي حڪم تي نه پهچي ان مان ڪهڙي اميد رکجي. وڪيل راجا جواد ساهڙ عدالت کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته معاملو عدالت ۾ اچڻ کانپوءِ ڪجهه بهتري ٿي آهي. پوليس پاران متاثرين جي تذليل واري معاملي تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ڊي ايس پي ڄامشورو تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته کين خبر آهي ته پوليس ڇا ٿي ڪري ان ڪري پنهنجو رويو بهتر بڻائيندي ٻوڏ متاثرين کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. بعد ۾ عدالت درخواست تي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

ڄامشورو/ ڪراچي (نمائندا) ڄامشورو ۾ گذريل ستن سالن کان مقرر بااثر ڊپٽي ڪمشنر فريد الدين مصطفيٰ کي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ کي عوامي شڪايتن تي موڪل تي روانو ڪيو ويو آهي، فريدالدين مصطفيٰ صحت خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي چيف سيڪريٽري سنڌ کي هڪ مهينو موڪل جي درخواست ڏني، جيڪا منظور ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ آصف جميل کي عارضي طور ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي چارج ڏني وئي، ان کان اڳ آصف جميل وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور تي ڪم ڪري رهيو آهي، آصف جميل هڪ هفتي کان سيوهڻ ۾ ٻوڏ سبب ايمرجنسي ڊيوٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي سي ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ کي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ سبب هٽايو ويو آهي، گذريل ڏينهن وڏي وزير جي دوري دوران وزيراعليٰ جي ٻيڙي جو تيل به ختم ٿيو هو جنهن تي وڏي وزير ڊي سي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، ٻه ڏينهن اڳ وڏي وزير اڳيان ٻوڏ متاثرن ڊي سي خلاف شڪايتن جا انبار لڳايا هئا، جنهن کان پوءِ ڊي سي کي هٽائي هڪ مهيني لاءِ موڪل تي روانو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن  ڊي سي ڄامشوري جو چوڻ آهي ته طبيعت جي خرابي سبب موڪل تي وڃان پيو. سروسز کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سندس موڪل بابت اڃا نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.