وڏي وزير جو ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو فضائي معائنو: نقصان جي ازالي جو اعلان

0
265

ڪراچي: نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ برساتن بعد آيل تباهي جو فضائي معائنو ڪيو آهي

وڏي وزير پنهنجي موبائل فون ذريعي تباهي جا منظر رڪارڊ ڪيا، مراد علي شاهه جوهي ڀرسان ڳوٺ سجاول خان آلکاڻي جي متاثرن ۾ راشن ورهائڻ بعد واپس روانو ٿي ويو

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح جي معائني دوران وڏي وزير کي آبپاشي عملدارن جي بريفنگ ڏني

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس دوري جو مقصد منڇر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ٿيل نقصان جي سروي ڪرڻ آهي، متاثرن کي تُرت راشن ڏيڻ سان گڏ نقصان جو ازالو ڪيو ويندو

هن چيو ته 2010ع  ۾منڇر جي ٽٽڻ بعد بند کي مضبوط ڪيو ويو، ايم اين وي ڊرين تي پيش آيل مسئلا به حل ڪيا ويندا، برسات سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون