وڏي دل رکندڙ پاڙيسرين جي مھرباني: سوارا ڀاسڪر بھ پاڪستانين کان متاثر

0
814

نئين دھلي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ ڪورونا جي بدترين صورتحال جي موقعي تي پاڪستانين پاران ھمدردي جي پيغامن سبب بالي ووڊ اداڪارھ سوارا ڀاسڪر بھ متاثر ٿي آھي، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ سوارا ڀاسڪر پاڪستانين جو شڪريو ادا ڪيو، اداڪارھ پنھنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو تھ ھن تباھي واري صورتحال دوران پاڪستان جي سول سوسائٽي ۽ سوشل ميڊيا پاران ڀارت سان ٻڌي جو اظھار ۽ ھمدردي حوصلو ڏيندڙ آھي. اسان جي ميڊيا ۽ مرڪزي ڌاري ۾ جاري عوامي ڳالھھ ٻولھھ مستقل طور پاڪستانين جو مذاق اڏايو ۽ بدنام ڪيو آھي. پاڪستاني وڏي دل رکندڙ پاڙيسري آھن.