اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ليسڪو ۾ لائن سپرنٽينڊنٽ جي پوسٽ تي انجنيئر کي ڀرتي ڪرڻ واري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس منصور علي شاهه جي لکيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته وڏي اهليت رکندڙ ننڍي اهليت واري عهدي جو حقدار نه هوندو، لائن سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تي انجنيئر جي ڀرتي سان اداري جي درجا بندي متاثر ٿي، اداري کي ڪهڙي شخص کي ڀرتي ڪرڻو آهي ڪهڙي کي نه؟ عدالت فيصلو نٿي ڪري سگهي. اداري پاران وڌيڪ اهليت رکندڙ شخص کي مقرر نه ڪرڻ امتيازي يا من پسند فيصلو ناهي، ڪمپني پاليسي تي پورو نه لهندڙ ڇاهي ڪيتري به گهڻي تعليم رکندڙ هجي اهو ڀرتي نٿو ٿي سگهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته اهو عدالت جو ڪم ناهي ته اميدوار جي اهليت جي جاچ پڙتال ڪري، وڌيڪ اهل کي گهٽ اهليت واري عهدي تي مقرر ڪرڻ جا سماجي اثر به ٿيندا آهن. ليسڪو 2015ع ۾ لائن سپرنٽينڊٽ ڀرتي ٿيندڙ انجنيئر وقاص اسلم کي ڀرتي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، لاهور هاءِ ڪورٽ انجنيئر کي لائن سپرنٽينڊنٽ ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ليسڪو ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو.