ڦل (ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نواب شاھ کان نوشھروفيروز ويندي ڦل اسپتال جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن کان دوائن جي کوٽ بابت تفصيل معلوم ڪيا، هوڏانهن وڏو وزير ٻوڏ متاثر ڪئمپن توڙي ڳوٺن سميت روڊ رستن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل بي يارو مددگار متاثر خاندانن سان نه مليو ۽ نه ئي ڪو سندن جي سهائتا لاءِ اعلان ڪيو، ياد رھي ھڪ مھيني دوران وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 2 دفعا ڦل شھر جو دورو ڪري چڪو آهي پر ھن مھل تائين ڪنهن به متاثر خاندان کي تڪڙو رليف، ٽينٽ يا ڪا سهولت ناهي ملي سگهي، ذريعن موجب علائقي جي مختيارڪار توڙي تپيدارن پاران ٿيل نقصان جي ڪا رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري متاثرن جي سهائتا رڳو هڪ خواب بڻيل آهي،