قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ٻوڏ متاثرن جي ڊي سي آفيس روڊ، ڊگري ڪاليج روڊ تان صفائي ڪرائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، متاثر وڊيو ۾ چئي رهيا آهن ته بک پيا مرون، اسان کي چيو ويو ته وڏو وزير ٿو اچي، توهان صفائي ڪرايو توهان کي راشن ڏينداسين، هوڏانهن ڊي سي قمبر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهڙي وڊيو مون ڏانهن به آئي آهي، ميونسپل انتظاميا کان معلومات ورتي، جن ٻڌايو ته ان ۾ ڪا به صداقت ناهي، صفائي لاءِ اسان کي پنهنجو عملو آھي، ڊي سي چيو ته ڪجهه ماڻھن کي گهرائي اهڙا وڊيو ڀريا ويا آھن.