خيرپور/ رپڙي (نمائندن وٽان) رپڙيءَ ويجهو وڏا ماڇيون ۾ زمين جي مالڪيءَ تان ڀائرن وچ ۾ خوني جھيڙو، جوابدار گوليون هڻي وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب رپڙيءَ  ويجهو وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي مالڪيءَ تان ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات دير سان جوابدار گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، ان دوران گوليون لڳڻ سبب 60 سالن جو غلام رسول سولنگي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. گذريل ڏينهن جنازي نماز بعد مقتول جي اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ان ڏس ۾ وڏا ماڇيون پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول غلام رسول سولنگي جو سندس ڀائرن غلام شبير ۽ ٻين سان پراڻو زميني تڪرار ھلندڙ ھو، جن ئي کيس قتل ڪيو آهي، جوابدار گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ فرار ٿي ويا آهن. پوليس چواڻي غلام رسول سولنگي مٿان پھريان به حملو ڪيو ويو هو. گذريل رات هو گهر ٻاھران بيٺو ھو ته مٿس حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو شديد زخمي ٿي پيو، جنهن بعد کيس خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏھن ته پوليس اليڪشن ڊيوٽي ۾ مصروف ھئڻ سبب ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي هئي.