اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف وڌيڪ ٻه خصوصي معاون مقرر ڪري ڇڏيا آھن جنهن کان پوءِ وفاقي ،مملڪتي وزيرن،صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جو تعداد وڌي 72 ٿي ويو آھي تفصيل موجب وزير اعظم شهباز شريف سردار شاهه جهان يوسف ۽ نعمان لنگڙيال کي خصوصي معاون مقرر ڪيو، سردار شاهه جهان يوسف جو تعلق ن ليگ ۽ نعمان لنگڙيال جو تعلق جهانگير ترين گروپ سان آھي ٻن خصوصي معاونن جي مقرري بعد خصوصي معاونن جو تعداد 27 ، وفاقي وزير 34، مملڪتي وزير 7، صلاحڪار 4 شامل آھن، وفاقي، مملڪتي وزيرن ،صلاحڪارن، خصوصي معاونن جو تعداد مجموعي طور تي 72 ٿي ويو آھي.