ڪنري: ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي جهانزيب آرائين ٻڌايو ته او زي ٽي شيئر جيڪو ملي ٿو، ان حساب سان وڌيل پگهار نه ٿا ڏئي سگهون، وڌيل پگهار ڏيون ته ڪافي ملازمن کي پگهار نه ملي سگهندي. ملازم ڪچا ڀرتي نه آھن ڊيلي ويجز وارا آھن، جيڪي ٺيڪيدار جي معرفت ڪم لاءِ 15 هزار تي ورتل آھن، اسان 25 هزار نه ٿا ڏئي سگهون، 25 هزار صرف ڪچن ڀرتي ڪيل ملازمن کي ڏيڻ جو حڪم آھي، اسان وٽ ڪچا ملازم ڀرتي ٿيل نه آھن. صرف ڊيلي ويجز وارا آھن.