وڊيو اسڪينڊل، حقيقت ڇا آھي ؟

0
253
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسان وارا واقعا توڙي ڪرپشن ۽ پنھنجا نوازي وارا واقعا سامھون ايندا رھيا آھن، جيڪي ٽي وي چئنلز توڙي اخبارن ۾ پڻ رپورٽ ٿيندا رھيا آھن، پر تازو پاڪستان ۾ ميرٽ، قابليت ۽ جدوجھد ذريعي پنھنجو زبردست نالو ڪمائيندڙ آءِ بي اي يونيورسٽيءَ انتظاميا مٿان سنگين الزامن تي مشتمل ھڪ وڊيو وائرل ٿي. آءِ بي اي سکر جي مسجد ۾ ويٺل نقاب پوش عورتن وڊيو ۾ آءِ بي اي جي وائيس چانسلر، رجسٽرار توڙي انتظامي عملدارن مٿان سنگين قسم جا الزام لڳايا. اھڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ مجموعي طور تي اھو مطالبو سامھون آيو ته ان معامري جي شفاف جاچ ٿيڻ گھرجي، ڪجھه وري عدالتي انڪوائري جو به سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪري رھيا آھن ته جيئن حقيقتون سامھون اچي سگھن. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ آءِ بي اي يونيورسٽي جي انتظاميا لڳايل سمورن الزامن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو ۽ اھڙي عمل کي يونيورسٽيءَ جي ساک کي نقصان پھچڻ وارو عمل قرار ڏنو. يونيورسٽي انتظاميا اُن وقت ڄاڻايو ته وڊيو جعلي ھجڻ جي پڪ باوجود سينيئر فيڪلٽي ميمبرز تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي آھي جنھن ۾ عورت سينيئر فيڪلٽي ميمبرن کي به شامل ڪيو ويو آھي. جنھن کان پوءِ آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار زاھد حسين کنڊ جي سربراھيءَ ۾ ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد عبدالرحيم سومراڻي، ڊاڪٽر محمد عاصم علي سميجو، ڊاڪٽر خليل احمد چنا، ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ شيخ، ڊاڪٽر زرقا بانو، مس عنيزا علوي ۽ سيد گل حسن شاھه کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آھي. حيرت جي ڳالھه اھا آھي ته جاچ ڪاميٽيءَ واري جاري ڪيل ليٽر ۾ جيڪي ٽي او آرز شامل ھئا ان ۾ وائرل ٿيل وڊيو اندر جيڪي الزام لڳايا ويا ھئا اُن جي انڪوائري ڪرڻ متعلق ڪجھه به نه ڄاڻايو ويو، ايتري حد تائين جو وائرل ٿيل وڊيو ۾ رجسٽرار مٿان اضافي چارجز رکڻ جو الزام لڳايو ويو ھو پر ڪاميٽيءَ جو سربراھ به کيس مقرر ڪيو ويو، جنھن عمل تي سوشل ميڊيا تي اعتراض پڻ سامھون آيا ھئا. خير اڳتي وڌندي جاچ ڪاميٽي طرفان سي سي ٽي وي فوٽيجز توڙي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جاچ مڪمل ڪندي پنھنجي جاچ رپورٽ پڌري ڪري ڇرڪائيندڙ ۽ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڊيو ۾ موجود ھڪ ڇوڪري ٽريني بختاور سومرو آهي، وڊيو ۾ ڄاڻايل ٻي ڇوڪري جيڪا اسڪرپٽ پڙھي رھي ھئي اُھا يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي ناھي، اُھا ھڪ نجي اسڪول ۾ پڙھندڙ ڏهين جماعت جي شاگردياڻي بختاور بڙدي آھي، بختاور سومرو يونيورسٽي جي 18 ھين گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر حسين احمد صديقي جي چوڻ تي اها وڊيو ٺاهي، رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته 16 کان 24 اپريل تائين سي سي ٽي وي ڪئمرائن جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو، 23 ۽ 24 اپريل تي ڪئمرائن ۾ 2 شڪي ڇوڪريون ھاسٽل مان نڪري مسجد واري علائقي ۾ داخل ٿيون، جاچ ڪاميٽيءَ جي رپورٽ موجب سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ سي ڊي آر رپورٽ موجب بختاور سومرو مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ موبائل فون تي حسين صديقي سان ڳالھايو، جنھن جو بختاور جاچ دوران اعتراف ڪيو ته ھن جو برين واش ڪيو ويو ھو ۽ آءِ بي اي خلاف حسين صديقي وڊيو رڪارڊ ڪرائي ۽ سمورو اسڪرپٽ حسين صديقي فون ذريعي ٻڌايو. بختاور سومرو جي موبائيل فون مان رڪارڊ ڪيل وڊيو ۽ اسڪرپٽ پڻ مليو آھي، جنھن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ وڊيو حسين صديقي ڏانھن سندس ٻارڙن ذريعي اماڻي، ڪاميٽي الزام ھيٺ آيل حسين صديقي کي گھرايو، جنھن ڪاميٽي آڏو اعتراف ڪيو ته ھن بختاور سومرو کي وڊيو ٺاھڻ لاءِ چيو ھو، ھن ڄاڻايل وڊيو پنھنجي ويجھي عزيز قدرت الله راجپوت کي ڏني جنھن سوشل ميڊيا تي پھريون وائرل ڪئي. ساڳي ڏينھن تي بختاور سومرو جو هڪ اعترافي وڊيو بيان به سامھون آندو ويو، جنهن ۾ هوءَ هڪ بيان پڙهي ٻڌائي رهي آهي ته سندس برين واش ڪري حسين صديقي اهڙو بيان ڏياريو آهي. جنهن تي مون کي شرمندگي آهي ۽ مان آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کان معافي گھران ٿي. ڪاميٽيءَ بختار سومرو، حسين صديقي، بختاور بڙدي خلاف ڪاروائي لاءِ يونيورسٽيءَ جي ڊسيپلينري ڪاميٽي کي لکيو آھي، حسين صديقي خلاف يونيورسٽيءَ جي ڊسيپلينري ڪاميٽي قائدن موجب ڪارروائي ڪري ، پوليس ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ذريعي يونيورسٽيءَ کي بدنام ڪرڻ لاءِ جعلي وڊيو ٺاھڻ ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي ھئي. نامور تعليمدان نثار احمد صديقي جي فرزند ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر حسين صديقي موقف معلوم ڪرڻ تي چيو ته مان ڪنھنجو برين واش نه ٿو ڪري سگهان ۽ نه ئي فون وسيلي ڪنهن کي هدايتون ڏنيون آھن، اها صرف پروپئگينڊا آهي.
آءِ بي اي سکر طرفان جوڙيل جاچ ڪاميٽيءَ جي رپورٽ ۽ الزام ھيٺ آيل حسين صديقي جي موقف بعد لڳ ڀڳ ٽن ڏينھن کان پوءِ بختاور سومرو نيٺ منظر عام تي اچي وئي، جنھن منظر عام تي اچڻ کان پوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر سنگين قسم جا يونيورسٽي انتظاميا توڙي ايس يس پي سکر مٿان الزام لڳايا. آءِ بي اي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ڪندڙ ۽ انٽرني بختاور سومرو موجب نثار صديقي جنھن آءِ بي اي ٺاھيو ھو اُھو مون کي نياڻيءَ سمجھندو ھو. نثار احمد صديقي جي فوت ٿيڻ کان پوءِ صورتحال پھريان جھڙي نه رھي، تنھن ڪري وڊيو ٺاھي ته جيئن شفاف انڪوائري ٿئي ۽ اصل حقيقتون سامھون اچي سگھن، مون جيڪو ڪجھه چيو آھي اُھا حقيقت آھي، جنھن جا ثبوت موجود آھن. بختاور سومرو جو الزام مڙھيندي وڌيڪ چوڻ ھو ته مون کي مارائڻ، اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، مسلسل انڪار بعد مون کي 3 ڏينھن اغوا ڪري ھاسٽل ۾ بند ڪيو ويو، ھاسٽل وارڊن سميت جن تي الزام ھو انھن کي بيھاريو ويو، پوري ھاسٽل خالي ھئي صرف مون کي اُتي يرغمال بڻايو ويو، ھاسٽل ۾ سيڪيورٽي گارڊن کي اجازت ناھي اُھي منھنجي ڪمري ٻاھران بيھاريا ويا، جنھن جي سي سي ٽي وي فوٽيج به آءِ بي اي ۾ موجود آھي. منھنجو موبائيل، ليپ ٽاپ کسيو ويو، روم ۾ اچي سمورو سامان به کڻي ويا آھن، ايس ايس پي عرفان سمون اچي مارڻ ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏنيون ، ايس ايس پي ڪاميٽيءَ جو ميمبر به نه ھو ان کي ڇو گھرايو ويو. بختاور سومرو وزير اعظم پاڪستان، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته ان معامري جي شفاف جوڊيشل جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقتون سامھون اچي سگھن.
بختاور سومرو جو بيان منظر عام تي اچڻ کان پوءِ آءِ بي اي سکر جي رجسٽرار زاھد حسين کنڊ جو چوڻ ھو ته انڪوائري ڪاميٽي پنج ڏينھن اڳ سائنسي بنيادن تي ۽ گھڻ رخي جاچ ڪئي ، ڇوڪريءَ 20 ماڻھن جي سامھون جنھن ۾ ايس ايس پي سکر به شامل هو بيان ڏنو ، جنھن بعد ڪاميٽي پنھنجو سفارشون ڏنيون ھيون. يونيورسٽيءَ قانون تحت ڪاروائي ڪندي. يونيورسٽي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو آھي، آءِ بي اي سکر ۾ ساڍا 5 ھزار ٻار پڙھن ٿا..
آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر حسين صديقي انتظاميا طرفان شوڪاز نوٽيس ملڻ کان پوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سان رجوع ڪري ورتو آھي، وڪيل سھيل احمد کوسو موجب عدالت شوڪاز نوٽيس تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، وائيس چانسلر آءِ بي اي يونيورسٽي، رجسٽرار توڙي لاڳاپيل ڌرين ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي 20 مئي تي جواب داخل ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آھي.
يونيورسٽي انتظاميا، بختاور سومرو توڙي وائرل ٿيل وڊيو وارن معامرن کان پوءِ ڪجھه سوال ذھن ۾ اُڀري رھيا آھن ته وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڄاڻايل ٻئي ناريءَ جيڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي به نه ھئي اُن جو جاچ ڪاميٽي اعترافي وڊيو بيان جاري ڇو نه ڪيو، جيتوڻيڪ سمورو معامرو اُن ئي بيان ڪيو ھو؟ ٻي ڇوڪري جو نالو ته ظاھر ڪيو ويو پر ھن وقت تائين اُن کي انتظاميا منظر عام تي ڇو ناھي آندو؟ اِن سميت انيڪ سوال م موجود آھن جن جي جوابن لاءِ ھڪ شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪرائڻ جي ضرورت آھي.