وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو … الوداع جمن دربدر الوداع: سنڌ پنهنجي يگاني شاعر ۽ عاشق جي وڇوڙي تي سوڳوار، ڀيٽا پيش

0
500

  وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو جو سرجيندڙ سنڌ جو يگانو شاعر ۽ عاشق ماما جمن دربدر جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي، سوشل ميڊيا تي ماما جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪرڻ سميت کيس ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ استاد خالد وٺي هر هر جنم وربو واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جمن در بدر…منھنجو جھونو يار جنھن سان جيئي سنڌ محاذ جي دور ۾ سڄي سنڌ جا سفر ڪياسين، سنڌ ۽ سيد جو بي لوث عاشق، جنھن سڄي عمر سنڌ جو ورد ڪيو، جنھن جي پوري  ڄمار سنڌ جي عبادت ڪندي گذري، اڄ 78ورھين جي عمر ۾ پنھنجي ڳوٺ روحل واءِ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن تي سڪندر تنيو حافظ لکيو ته انتهائي ڏک ڏيندڙ خبر، جمن وري نئين جنم ۾ نئين روپ ۾ نئين ويس ۾ موٽي ايندو، رب سائين جي ٻاجھه مٿس قائم دائم رهي آمين، مخدوم شمس، رئوف پارس دايو، هاشم کوسو، حميده گل، ملهار چانڊيو، وسيم گبول، لال محمد چانڊيو ڏک جو اظهار ڪيو، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ لکيو ته الوداع جمن دربدر الوداع، توکي سلام سنڌ جا سچا سپوت توکي سلام، تو سائين جي ايم سيد کي به پنهنجي هن گيت ذريعي آٿت ڏني هئي، اڄ تون وڇوڙو ڪري وئين مگر سچ سان بيهي صدين تائين پاڻ کي زنده ڪري وئين، سلام جمن دربدر توکي سنڌ جو سلام. چانڊيو نواز لکيو ته جمن دربدر جي وڇڙڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو، سادو سچو انسان غريب ھوندين ڪڏھن به سون تي سيڻ نه مڻايائين، عبدالقادر عباسي لکيو ته جمن دربدر سنڌ جو سرمايو ھو، نه وسرندڙ شخصيت آهي، پنهنجي شاعري ۾ ياد رھندو، منظور ابڙو لکيو ته سندس اھو گيت ، وٺي ھر ھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ملبو. رھنمائي ڪندو رھندو، جمن دربدر سدائين دلين ۾ ياد رهندو، هاشم ميمڻ لکيو ته آزادي جو ٻاٻيهو، سيد جي نظرئي جو پوئلڳ،اجهاڳ پنڌ جهاڳيل ماما جمن دربدر جو وڇوڙو سنڌ جو نقصان آهي،

 امر سحر لکيو ته او ماما ! اسان کي ھاڻ روحل واءِ ۾ ڳل لائي ڳراٺي پائي ڪير چوندو ته ڀلي ڪري آيا منهنجا سڄڻ…حنيف سولنگي، آفتاب سرهيو به ڏک جو اظهار ڪيو، محبوب چانڊيو لکيو ته چار ڏينهن اڳ ماما جمن جي اوطاق تي آخري ملاقات ڪئي، پنهنجي ڀاڪرن کان پري ڪونه پئي ڪيائين.. موت شل مار پوئي، محمد قاسم ميرجت لکيو ته افسوس، آٿت ۽ اميد به موڪلائي ويو، سراج احمد جتوئي لکيو ته ھن وڇوڙي تي لفظ ساٿ ئي نٿا ڏين ته ڇا لکجي ؟ محمد اسلم وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان ھر ھر مرندا جيئندا هِن، ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي موت کي ماري ويندا هِن… سنڌ وطن جو يگانو شاعر مٽي جو عاشق ماما جمن دربدر اڄ پنھنجي مٽي سان وڃي مليو، ماهنور شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته کڻي مسافر پري ھليا ويا، جڏھن مٽي جو ھڳاءُ ھلڪو ٻڌوسين راتيون رُنيون اڪيليون، ٻڌوسين پويان سڪيون ادائون. (وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو) ماجد تنيو لکيو ته تاريخي شخصيت جي پڄاڻي، تاج سروهي لکيو ته هڪ دور جي پڄاڻي، دين محمد رند لکيو ته سنڌ اڄ پنهنجي عاشق کان محروم ٿي وئي، محمد امين لکيو ته سنڌ ماما  جمن دربدر جي عشق جو انداز صدين تائين ياد رکندي، رزاق عاصي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو. مهراڻ جي موجن، سنڌ ۽ سيد جو عاشق ماما جمن دربدر وطن جي آجپي جي آس کڻي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سندس لاڏاڻي تي سنڌ سميت سندس پونئرن سان تعزيت ڪجي ٿي. حفيظ ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪئي ته ماما جمن دربدر… .سنڌ جو هڪ  يگانو ڪردار  موڪلائي ويو، حسين مسرت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آواز ۽ سرن کي موت ناھي ايندو، جنيد انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وٺي هَر هَر جنم وَربو، مِٺا مهراڻ ۾ ملبو ! سنڌ جي عشق سان سرشار دل اڄ ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو..! ماما جمن دربدر جي وڇوڙي تي سنڌ سان تعزيت ڪجي ٿي!جنهن تي ملڪ محمد خان لکيو ته هڪ عظيم شخصيت جو وڇوڙو، شڪيل سومرو لکيو ته قومي سلام، رئوف وسطڙو لکيو ته هڪ صدي جو هڪ ٻيو وڏو ماڻهو به موڪلائي ويو سنڌ جمن دربدر تي صديون ناز ڪندي، حريف چانڊيو لکيو ته سرخ سلام، نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته وٺي ھر ھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو، جنهن تي عبدالخالق چانڊيو لکيو ته جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک پهتو آهي ان جي وڇڙڻ تي سموري دربدر سنڌي قوم سان تعزيت ڪجي ٿي. شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو، سنڌ جي سونهن خوبصورت لفظن جو ديوتا مهان شاعر ۽ ڌرتي جو عاشق ماما جمن دربدر سنڌ کي الوداع ڪري ويو،  ماما جمن دربدر وفات ڪري ويو ، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪئي ته وٺي ھر ھر جنم وربو، سنڌ جي يگاني عاشق جي موڪلاڻي، سرمد ادل سولنگي پوسٽ شيئر ڪئي ته

 صبح سويرو

پکِي پَر ڇنڊي ويو.

اُجڙ آکيرو. (اياز )

سنڌ ۽ سيد جو عاشق ماما جمن دربدر ديس جي آجپي جي آس کڻي اڄ جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس شاعري وطن جي آجپي لاءِ جاکوڙيندڙن کي سدائين اتساهيندي رھندي.

اي سنڌ توکي الوداع

تو ۾ ھيو سارو جڳت

اي جند توکي الوداع (اياز)

محسن جويو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪرايو نه ھجڻ ڪري آريسر صاحب کي ۽ مون کي لاري مان لاٿو ويو ٿوري پنڌ تي ھڪ ڳوٺ ۾ وھانءُ ھو اتي گيت ڳايا ڪجھه ڏوڪڙ مليا ۽ سنڌ جي عشق جي سفر ۾ اڳتي نڪري پياسين.(ماما جمن دربدر؛آتم ڪٿا) درياءَ خان جهتيال پوسٽ شيئر ڪئي ته ‏سائين جي ايم سيد جي عشق جي عاشق ماما جمن دربدر جو مِٽيءَ ۾ آرامي ٿيڻ جو آخري پنڌ! اي سنڌ ڌَرتي! شاهد ٿجان ته جمن دربدر ۽ ان جهڙا عاشق توسان سينو ملائڻ لاءِ ڳائي وڄائي توڏانهن اچن پيا ۽ چون پيا ”وَٺي هر هر جنم وربو مِٺا مهراڻ ۾ ملبو“ ممتاز آريسر پوسٽ شيئر ڪئي ته هڪ دور جي ۽ تاريخ جي پڄاڻي، سنڌ ۽ سيد نالو هڪ ئي آهي ماما جمن دربدر به سائين جي ايم سيد جي ڇڏيل تسبيح جو هڪ داڻو هو جيڪو اڄ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو جنهن جي چهري تي هر وقت مرڪ رهندي هئي اڄ اسان سميت سنڌ جي هر اک آلي ڪري ويو اڄ سنڌ سيد ۽ آريسر سان تعزيت ڪجي ٿي.. اڄ روحل واھ سميت سنڌ ويران ٿي وئي ماما جمن سان الائي ته ڪيتريون ڪچهريون ٿيون، ھن جي سيني ۾ سنڌ ۽ سيد ماءُ جي ٿنڃ وانگر سمايل هئا اڄ اها ئي محبت سيني ۾ سنڀالي پنهنجي ماءُ سان ملي امر بڻجي ويو، مصطفيٰ ايوب ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪئي ته ختم اونداھ ٿي ويندي، چِٽي چانڊاڻ ۾ ملبو..هي اهو جمن جنهن پنهنجي سڄي زندگي چٽي چانڊاڻ جي جستجو ۾ گذاري ۽ هن اونداهين سماج کي روشن ڏسڻ واري خواب جي ساڀيان خاطر نه صرف جهر جهنگ جاڳيو پر پنهنجي پاڻ کي دربدر سڏرايائين. هي اهي ماڻھو جن جو ڪُل سرمايو پنهنجو وطن، سماج ۽ مارُو آهن. هي اهي ماڻھو جن سڄي زندگي تڪليفن ۾ گهاري پر پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو.سنڌ جو هي امر ڪردار ماما جمن دربدر به اڄ پنهنجي زندگي جو فَخر ڀريو سفر پورو ڪري چٽي چانڊاڻ ۾ ملڻ جو چئي سنڌ کان موڪلائي ويو. مالڪ سائين جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري. (آمين) رجب علي شر پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ ڌرتيءَ جي عاشق ۽ ارڏن پٽن جا جنازا ماتم ۾ نه گيتن جي گونجار ۾ نڪرندا آھن : مانجهي فقير طرفان جمن دربدر جي آخري سفر دوران ڀيٽا، عبدالقدير ميمڻ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جمن دربدر جو آخري سفر، جمن دربدر جي گيت تي سندس نانءَ الوداعي سفر، نارائڻ داس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمرڪوٽ لڳ روحل واهه  ۾ شاعر جمن دربدر جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهن شرڪت ڪئي، جمن دربدر کي صوفي راڳي مانجھي فقير وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو، ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي ، جڏهن ته جمن دربدر کي 80 سال جي ڄمار ۾ ھارٽ اٽيڪ ٿيو ،جنهن سبب جمن دربدر حقيقي مالڪ سان وڃي مليو جمن دربدر جي وڇوڙي تي پوري سنڌ سوڳوار آهي. ايڊووڪيٽ عاصمه عظيم لکيو ته وٺي هرهر جنم وربو .مٺا مهراڻ ۾ ملبو، جهڙي خوبصورت شاعري جي خالق قومپرست سياسي جهونو اڳواڻ سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر جو ويجهو ساٿي جمن دربدر سنڌ کي الوداع ڪري ويو. حسن پٺاڻ پوسٽ شيئر ڪئي ته الوداع الوداع ماما جمن الوداع..”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ جهڙو لافاني گيت سرجيندڙ سنڌ جو عاشق، نامور شاعر ۽ قومپرست ڪارڪن جمن دربدر هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو،  سيد نواز شاهه ڀاڏائي، صوفي امتياز مانجهي، مهر ڊٻائي، راجا زوار مڱريو، تشڪيل سنديلو، امان الله چانڊيو، ڀرت جئپال، لاکو عجيب، ميهر علي سمون ۽ ٻين پڻ ڏک واريون پوسٽون شيئر ڪيون.