وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو: سنڌ جو عاشق ۽ نامور شاعر جمن دربدر هميشه لاءِ وڇڙي ويو

0
638

عمرڪوٽ/ڪوٽڙي (نمائندن وٽان) وٺي هر هر جنم وربو جهڙن امر گيتن جي خالق، سنڌ جي عاشق ۽  ناليواري شاعر جمن دربدر جي دل اوچتو بيهجي وئي، جمن دربدر جي اوچتي وڇوڙي تي سنڌ سوڳوار ٿي وئي آھي

ماما جمن دربدر 80 ورهين  جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب دم ڏنو، جمن دربدر جي جنازي نماز عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ روحل  واءِ ۾ ادا ڪئي ويندي، جمن دربدر جي مزاحمتي شاعري سنڌ جي جاڳرتا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو

سنڌ ۾ جديد قومپرستي جي باني جي ايم سيد پنهنجي ڪتابن ۾ به جمن دربدر جي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو، سنڌ جي ڏات ڌڻين پاران جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيوويو آھي

May be an image of 1 person, sitting and outdoors

ماما جمن دربدر سموري ڄمار قومپرست سياست، ادب ۽ آرٽ کي ارپي ڇڏي، جمن دربدر استاد شفيع  فقير سميت مختلف فنڪارن  سان گڏجي گيت به ڳايا

جمن دربدر قومپرست سياست ۾ سڄي  سنڌ ۾ جهرجهنگ پيرين پنڌ وڃي  ڪارڪنن جي تربيت ڪئي

جمن دربدر اسٽيج ڊرامن، ٿيٽر ۽ ٻين  مختلف اسٽيج پروگرامن ذريعي سنڌ  جي نوجوانن ۾ شعور اجاگر ڪيو

 جمن دربدر وٺي ھر ھر جنم  وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو سميت  ڪيترائي گيت لکيا ۽ ڳايا

سنڌ جي ڏات ڌڻين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران به جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آھي

ناليواري لکاري اعجاز منگي چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جهڙي ماڻهوءَ به اعتراف ڪيو ته جمن دربدر جي شاعري کيس مايوسين مان ٻاهر ڪيو هو

ايوب کوسو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، خليل ڪنڀار، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين پاران به جمن دربدر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڏات ڌڻين چيو ته جمن دربدر پنهنجي مزاحمتي شاعري سان نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪيو

ھي به پڙھندا

وٺي هر هر جنم وربو