ويھ ڊسمبر تائين اسيمبليز ٽوڙيون وڃن: پي ٽي آءِ جي اعليٰ سطحي ڪميٽي سفارش ڪري ڇڏي

0
282

ڪراچي: 20ڊسمبر تائين اسيمبليز ٽوڙيون وڃن، پي ٽي آءِ جي اعليٰ سطحي ڪميٽي سفارش ڪري ڇڏي، پنجاب جي ميمبرز طرفان صبر کان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏنو ويو آھي

شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران پنجاب جي ڪجهه ميمبرز فوري طور اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته اسيمبليز تڏهن ٽوڙيون وڃن

جڏهن وفاق ۽ ٻين صوبن جي اسيمبليز ٽوڙڻ جي حوالي سان دٻاءَ وڌي، سياسي ڪارڊ استعمال ڪرڻ لاءِ وقت جو خيال ڪيو وڃيPunjab Assembly: Voting to elect new leader of the house to be held on Sunday - DAWN.COM

پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان ملاقات ٿي، موجودا سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون

پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين، اپوزيشن وٽ نمبرز پورا ناهن، پرويز الاهي جي اڄ عمران خان سان به ملاقات رٿيل، پي ٽي آءِ سنڌ جا اسيمبلي ميمبرز ڇنڇر ڏينهن طلب ڪيا ويا آھنقيادت کي شهباز گِل جي بيان کان لاتعلق

بچاءَ واري وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آھي ته تحريڪ انصاف جا ميمبرز اسان سان رابطي ۾ آهن، اُهي نه ٿا چاهين ته اسيمبليون ٽُٽن، اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪندس جنهن سان کين ڏکيائي اچي

خواجا آصف چيو ته سياسي صورتحال مسلسل تبديل ٿي رهي آهي، منهنجا ڪُجهه دوست اُن تي ڪم ڪري رهيا آهن، هاڻي ڏسڻو آهي ته ميمبرز سان رابطن بابت ڪنهن جي دعويٰ درست ٿي ثابت ٿئي

ھي به پڙھندا

گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي: وفاقي گھرو وزير