ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا ويڪسين واري شرط بعد ويڪسينيشن سينٽرن ۾ عوام جي پيهه وڌي وئي، جناح اسپتال، ايڪسپو سينٽر ۽ سول اسپتال سميت ٻين سينيٽرن تي هزارين ماڻهن جو قطارون لڳي ويون آهن، ايڪسپو سينٽر ۾ ڪلاڪن کان انتظار ۾ بيٺل ماڻهو جو صبر ٽُٽي پيو، عملي سان منهن ماري ٿي، سيڪيورٽي گارڊ مڇريل ماڻهن جي حملي سبب سخمي ٿي پيو ۽ سينٽر جا شيشا ٽُٽي پيا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪالهه ايڪسپو سينٽر ۾ ويڪسين ڪرائڻ لاءِ ايندڙ هزارين ماڻهن جون ڊگھيون قطارون لڳل رهيون، صبح کان شام تائين ماڻهو سخت گرمي ۾ انتظار ۾ بيٺل رهيا. ويڪسينيشن عملي جي سست رفتاري سبب ماڻهو مڇرجي پيا ۽ سيڪيورٽي عملي توڙي نرسن سان منهن ماري ڪري حملي جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيو. ان موقعي تي شهرين جو چوڻ هو ته انتظاميا سست رفتاري سان ويڪسين ڪري پئي. ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪرايو وڃي، جنهن سبب ڪيس وڌڻ جو خدشو آهي. شهرين الزام هنيو ته رڳو پنهنجا نوازي ڪئي پئي وڃي.