برلن (انٽرسٽنگ نيوز) جرمني جي هڪ اسپتال ۾ وينٽي ليٽر جي آواز کان تنگ هڪ عورت مريض پنهنجي آرام خاطر سامهون واري مريض کي ماري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب 73 سالن جي ان عورت جي سڃاڻپ هوٽن سي جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جي ڪمري ۾ 79 سالن جو مريض موجود هو، جنهن کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو. وينٽي ليٽر جي آواز سبب هوٽن سي کي ننڊ نه ايندي هئي، جنهن کان تنگ ٿي هن رات جو وينٽي ليٽر بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 79 سالن جو مريض فوت ٿي ويو. عورت مريض کي پوليس گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي، سندس پٽ جو چوڻ آهي ته ماءُ کي وڌيڪ دوائون ڏنيون ويون، جن جي اثر سبب کانئس وينٽي ليٽر بند ڪرڻ جي حرڪت ٿي.