ويندڙ سال جا وڍ

0
269
ويندڙ سال جا وڍ

 سال 2022ع به خيرن سان گذري ويو. هن ملڪ ۾ عوام جي بهتري لاءِ ڪا خاص ڳالھه نه ٿي. سياسي طرح ملڪ ڀونچال جو شڪار رهيو. عمران خان جيڪا مانڌاڻي ڦيرائي ان ملڪ کي افراتفري جو شڪار ڪري ڇڏيو. حڪومت وڃائڻ کانپوءِ همراهه جا ڪارناما منظرعام تي اچڻ شروع ٿي ويا. پاڻ جيتوڻيڪ پئسي جي ڪرپشن ۾ سڌي طرح نه آيو پر سندس ملڪه عاليه جيڪي ڪارناما انجام ڏنا انهن سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. شهزادو وزيراعظم پنهنجي ساڍن ٽن سالن جي دور ۾ پراڻين پلي بوائي وارين حرڪتن ۾ مصروف رهيو ۽ عوام کي رياست مدينا جو چورن وڪڻندو رهيو. نواز شريف جي ٻاهر وڃڻ کانپوءِ شهباز شريف کي وزيراعظم ٿيڻ جو وڏو شوق هو، آخرڪار زرداري ۽ فضل الرحمان اٽڪلن سان اهو ڦاهو سندس ڳچي ۾ وڌو، جنهن مان هاڻي چاهيندي يا نه چاهيندي  به جان نٿو ڇڏائي سگهي. نئين آرمي چيف جي مقرري تي سياست ڪندڙ عمران خان نيٺ هٿيار ڦٽي ڪيا ۽ نئين آرمي چيف عاصم منير  فوجي سربراهه طور ڪمان سنڀالي ورتي ۽ آخرڪار عمران خان جي آمريڪي سازش ۽ مير صادق، مير جعفر واري ڦوڪڻي مان هوا نڪتي. پر عمران خان جو سرڪس جاري رهيو جنهن ۾ هاڻي هن جون مبينا ورچوئل سيڪس آڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن ۽ مسئلن جو ماريل عوام انهي مان محظوظ ٿي رهيو آهي.ملڪي معيشت جيڪا سدائين قرضن تي ڀاڙيندي رهي آهي اها ڇڙيون هڻي هڻي ڪوما ۾ هلي ويئي آهي. هاڻي سمورا دوست ملڪ خيرات ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا آهن ۽ ملڪي عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. بجلي، گئس ۽ توانائي جا ٻيا شعبا بحران جو شڪار آهن. انڊسٽريز بند جو سلسلو جاري آهي. ملڪ ۾ ترقياتي ڪم ڄڻ ٺپ ٿيل آهن. سي پيڪ جو پروگرام به خان جي غلط پاليسين سبب ابهام جو شڪار آهي. خاص طور تي ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ٻاهرين ملڪن جي پروفيشنلز کي هيسائي ڇڏيو آهي جنهن سبب مستقبل جا منصوبا جهڙوڪر رڪجي ويا آهن. افغانستان جي هڏي ملڪي پلاننگ ڪندڙ ادارن جي ڳلي ۾ ڦاسي پئي آهي. جيستائين آمريڪا افغانستان ۾ ويٺو هو تيستائين پاڪستان جو ڌنڌو هليو پئي ، ڊالر آيا پئي ويا پئي ۽ ملڪي معيشت غوطا کائيندي کائيندي پئي رڙهندي هئي پر جڏهن کان آمريڪا افغانستان مان ٽپڙ ويڙهيا آهن تڏهن کان اسان جون حالتون افغانستان جهڙيون ٿينديون وڃن. هزارن جي تعداد ۾ افغاني بارڊر ڪراس ڪري اسان جي شهرن ۾ ڪاهيندا اچن ۽ اسان جو هٿ پير نٿو لڳي. سرحد تي افغان فورسز ۽ دهشتگردن جي حملن ۾ ملڪي سيڪيورٽي فورسز جا جوان شهيد ٿي رهيا آهن. ٻئي طرف ٽي ٽي پي حملن جي ڌمڪي ڏئي سڄي ملڪ کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.سال 2022ع جو آخري اڌ ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي نالي رهيو. شديد برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال ملڪي معيشت جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا. بلوچستان ۽ سنڌ شديد متاثر ٿيا ۽ خاص ڪري سنڌ صوبو اقتداري پارٽي جي ماڻهن جي ڏاڍ مڙسي سبب مڪمل تباھه ۽ برباد ٿي ويو. گذريل پندرهن سالن جي بي لغام ڪرپشن سنڌ جا سمورا شهر ۽ ڳوٺ اڳ ئي  ويران ڪري ڇڏيا هئا باقي رهيل ڪسر برساتن پوري ڪري ڇڏي. زرعي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، انفرااسٽرڪچر ڊهي پٽ پئجي ويو، سنڌ جي وڏي آبادي پنهنجا گهر گهاٽ تباھه ڪرائي روڊن تي ڪئمپن ۾ محصور ٿي ويئي. روڊ رستا ٽٽي ويا، اسڪول ۽ اسپتالون پنهنجي سموري سامان سميت تهس نهس ٿي ويون، عوام وچڙندڙ بيمارين جي حوالي ٿي ويو. مطلب ته سنڌ کي اربين کربين روپين جو نقصان پيو.ٻئي طرف سڄي سال دوران روڊ حادثن وڏي تباهي ڪئي ۽ سوين گهر اجاڙي ڇڏيا. ڪرپشن تي بيٺل اسان جو نظام عوام جي جان ۽ مال جي ڪا حفاظت نه ڪري سگهيو.سال 2022ع ۾ هڪڙو چڱو ڪم اهو ٿيو جو سنڌ ۾ هزارين بيروزگار نوجوانن کي ماستري جا آرڊر جاري ڪري بيروزگاري جي تناسب کي ٿورو گهٽايو ويو. افسوس اهو آهي ته ڪافي نوجوان پرائيويٽ سيڪٽر ۾ نوڪريون ڪندا هئا جيڪي هنن ڇڏي تعليم جو شعبو جوائن ڪيو پر تقريبن اٺ کان ڏھه مهينا گذرڻ جي باوجود کين پگهار نٿي ملي . لازمي آهي انهن ۾ ڪافي اهڙا اميدوار به هوندا جن جي گهر جو گاڏو ماهوار پگهار تي هلندو هوندو پر سرڪار کي اهڙو ڪو اونو ڪونهي. ميرٽ جي نالي تي ٿيندڙ انهن ڀرتين کي اينگهائي اينگهائي آخرڪار اهو پراڻو “سليماني نسخو” استعمال ڪري ميرٽ کي کوھه جي تري ۾ اڇلائي هارڊ ايريا جي بهاني کوڙ نااهل اميدوارن کي ماستر بڻائي تعليم کي اتي جو اتي رکڻ جو بندوبست ڪيو ويو. هي ڀرتيون بنيادي طرح ضرورتن جي آڌار تحت ٿيڻيون هيون پر پوءِ نيٺ هن کي سياسي سفارش جي ور چاڙهي غلط طريقي سان پوسٽنگ ڪري سڄي سسٽم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. جتي سئو شاگرد آهن اتي 10 ٽيچر ويٺا آهن ته جتي پنج سئو شاگرد آهن اتي 8 ٽيچر ويٺا آهن. پئسا وٺي آفيسرن تعليم کي کاٽ هنيا آهن.سال 2022ع جي آخري ڪجھه مهينن دوران مون پنهنجا بهترين دوست وڃايا، جيڪي وقت کان اڳ موت جي منهن ۾ هليا ويا. ٽنڊو جان محمد جي نوجوان دوست قاضي فهد کي بون ڪيئر جي لالچي ڊاڪٽرن نڪ جي هڪ معمولي آپريشن دوران ماري وڌو ۽ مائٽن ۽ دوستن کي غم ۾ ٻوڙي ڇڏيو، ٽنڊو باگو جي صائمه کتري جيڪا هاءِ اسڪول ۾ ايڇ ايس ٽي هئي اها روڊ حادثي ۾ هڪ ٽرڙي جي ٽرڙائپ جي ڪري موت جي منهن ۾ هلي ويئي، هو بهادر هئي ۽ اڪيلي سر مرداڻي ظالم سماج جو مقابلو ڪندي رهي. هو پنهنجي گهر جي اڪيلي ڪفيل هئي. ڊسمبر جي شروع ۾ بدين شهر جو گهڻ پڙهيو نوجوان استاد الطاف شاھ به اوچتو ۽ اوچتو موڪلائي ويو. ڪجھه ڏينھن بيمار رهڻ کانپوءِ هن کي ساھه ۾ تڪليف ٿي ۽ منهنجي خيال ۾ مس مينيجمينٽ جي ڪري هو موت جي منهن ۾ هليو ويو. ان کان علاوه کوڙ سارا نوجوان روڊ حادثن جو شڪار ٿيا ۽ مائٽن جي اميدن جو ڏيئو اجهامي ويو.مجموعي طرح هي سال بهتر انداز ۾ اختتام پذير نه ٿيو. عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ اضافو ئي رهيو. حڪمران عياشين ۾ پورا رهيا، ملڪي پئسو فضول سياسي جلسن ۾ استعمال ٿيندو رهيو. آفيسر آفيسن ۾ گهٽ ڪورٽن ۾ وڌيڪ نظر آيا. حڪمران ڌرين جا چونڊيل نمائيندا عوام کي اکين ۾ ڌوڙ وجهندا رهيا ۽ ادارن کي ملندڙ انڌي منڊي بجيٽ تي پنهنجا هٿ سيڪيندا رهيا.نئين سال ۾ به ڪا خاص اميد جو ڪرڻو نظر نٿو اچي، ملڪ مڪمل ڊفالٽر ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي، سياسي ڊراما ايئن جاري رهندا. سڀ چور ۽ زاني پنهنجو پاڻ کي صادق ۽ امين ڊڪليئر ڪندا رهندا. عوام پنهنجي سورن ۾ قابو هوندو.بس ضرورت انهي ڳالھه جي آھي ته عوام ڪفايت شعاري ڪري ، احتياط ڪري، جدوجهد ڪندو رهي ۽ پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري ته جيئن هنن ڦورن مان جان ڇڏائي سگهجي.