وينا ملڪ اڳوڻي مڙس کان ڏاج گھري ورتو: عدالت ۾ درخواست

0
248
وينا ملڪ اڳوڻي مڙس

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا وينا ملڪ اڳوڻي مڙس کان ڏاج گھري ورتو آهي، ان ڏس ۾ هن عدالت ۾ درخواست ڏني آهي. سول جج جوڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ داخل درخواست ۾ وينا ملڪ اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي

ٻڌڻي دوران درخواست ۾ وينا ملڪ چيو ته اسد خٽڪ سان 26 جنوري 2017 تي ڌار ٿي وئي هيس، دوستن سان مليل تحفا اسد وٽ آهن جن جي ماليت 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو اهي ته اسد خٽڪ اڳ چيو هو ته هو سمورا تحفا واپس ڪندو هاڻي چوي ٿو ته سندس سامان چوري ٿي ويو. وينا ملڪ جي درخواست تي اسد خٽڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان وينا ملڪ خلاف ڪارروائي جي درخواست داخل ڪئي آهي. عدالت درخواست گذار کان ايندڙ ٻڌڻي تي شاهديون طلب ڪري ورتيون