لاهور(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۾ جاري ويمن ايشيا ڪپ ۾ ٿائي لينڊ پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم کي هارائي اپ سيٽ شڪست ڏني. ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ 13 هين پوزيشن تي موجود ٿائي لينڊ رينڪنگ ٽيبل تي نمبر 6 پاڪستاني ويمن ٽيم کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني. پاڪستان پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 116 رنز ٺاهيون، سدره امين 64 بالن تي 56 رنز ٺاهي نمايان رهي، منيبا علي 15 ۽ ندا ڊار 12 رنز ٺاهيون. جواب ۾ ٿائي لينڊ ويمنز هڪ بال پهريان 6 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. طوبي اورندا 2-2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان هن وقت تائين 3 ميچز کيڏيون آهن جن ۾ هن کي هيءَ پهرين ناڪامي ٿي آهي جڏهن ته ٿائي لينڊ ايشيا ويمنز ڪپ ۾ پهريون ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.