ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) ويلنگٽن ٽيسٽ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ نيوزيلينڊ انگلينڊ کي هڪ رن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.  نيوزيلينڊ جي ٽيم طرفان مليل 258 رنز جي هدف پٺيان انگلينڊ جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ 256 رنز تي ڍير ٿي وئي. انگلينڊ طرفان جو روٽ 95 رنز ٺاهي نمايان رهيو. جڏهن ته نيوزيلينڊ طرفان نيل وانر 4، ٽم سائوٿي 3 ۽ ميٽ هينري 2 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 435 رنز تي اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي، انگلينڊ طرفان جو روٽ 153 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، هيري بروڪ 186 رنز جي اننگ کيڏي هئي. نيوزيلينڊ پهرين اننگ ۾ 209 رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي  وئي. ٽم سائوٿي 73 رنز ٺاهي نمايان رهيو هو. انگلينڊ طرفان اسٽيوورٽ براڊ 4، جيڪ ليچ ۽ اينڊرسن 3-3 وڪيٽون ورتيون هيون. فالو اپ جو شڪار نيوزيلينڊ ٻي اننگ ۾ 483 رنز ٺاهي انگلينڊ جي ٽيم کي 258 رنز جو هدف ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي. انگلينڊ جي ٽيم 258 رنز جي هدف پٺيان 256 رنز تي ڍير ٿي وئي. نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن کي پليئر آف دي ميچ ۽ انگلينڊ جي هيري بروڪ کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.