ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار

0
360
ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني
ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار

ڪراچي(م ڊ)  ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 13 ڊسمبر کان شروع ٿيندي ۽ سموريون ميچون ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون

پوليس اختيارين موجب دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن مقصود احمد جي صدارت هيٺ ايس ايس يو هيڊڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي

ڊي آءِ جي مقصود احمد موجب پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ميچن دوران 800 ايس ايس يو ڪمانڊوز سميت 1500 کان وڌيڪ اهلڪار ڊيوٽي تي هوندا، اسٽيڊيم جي چوڌاري نگراني لاءِ اسپيشل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول بسون نيشنل اسٽيڊيم ۾ موجود هونديون

مقصود احمد موجب تماشائن لاءِ پارڪنگ پوائنٽس کان نيشنل اسٽيڊيم تائين شٽل بس سروس هلندي، ٽيم ايس ايس يو هيڊڪوارٽرز ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهندي