ويسٽ انڊيز جو دورو: پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ اسڪواڊ جو اعلان

0
368

لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جَي دوري لاءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي 26 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جوريه خان کي قومي وومين ٽيم جو ڪپتان، رامين شميم کي اي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سدره نواز کي ٽي ٽوئنٽي اي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. ٻين رانديگرن ۾ عاليا رياض، ايمن انور، انعم امين ۽ عائشه نسيم، عائشه ظفر، ڊيانا بيگ، فاطمه ثناءَ، ارم جاويد، جوريه رئوف، ڪائنات امياز شامل آهن. اسڪواڊ ۾ ڪائنات حفيظ، ماهم طارق، منيبه علي صديقي(وڪيٽ ڪيپر) ناهيده خان، نجيه علوي به شامل آهن. نشره سنڌو، نتاليه پرويز، ندا ڊار، عميمه سهيل، صباءَ نذير، سعديه اقبال، سدره امين ۽ سيده عروب شاهه به اسڪواڊ جو حصو آهن. دوري دوران 14 ميچز کيڏيون وينديون، 26 رڪني اسڪواڊ 23 جون تي انٽيگا روانو ٿيندو.