ويران ٻيٽ تي 32 سال اڪيلو رهندڙ پيرسن کي نيٺ ٻيٽ ڇڏڻو پئجي ويو

0
587

روم(دلچسپ نيوز) ويران ٻيٽ تي 32 سال اڪيلو رهندڙ پيرسن کي نيٺ ٻيٽ ڇڏڻو پئجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اٽلي ۾ 81 ورهين جو مورو مورانڊي 1989 ۾ پنهنجي ٻيڙي تي سمنڊ ۾ سير ڪري رهيو هو ته اوچتو سندس ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي.ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ سبب شهري وڏي مشڪل سان بوڊيلي نالي هڪ ويران ٻيٽ تي پهچي ويو. بوڊيلي ٻيٽ جي خوبصورتي شهري کي موهي وڌو جنهن سبب هن اتي ئي رهڻ ۾ بهتري سمجهي، تازوئي ٻيٽ کي هڪ خانگي ڪمپني خريد ڪري ورتو جنهن سبب مورو مورانڊي کي خالي ڪرڻو پئجي ويو. ان حوالي سان مرو مورانڊي جو چوڻ آهي ته اميد ڪمپني به بوڊيلي کي ائين ئي رکندي جيئن مون 31 سال ان جي سار سنڀال ڪئي. هن چيو ته هو اٽلي جي سماجي زندگي کان بيزار ٿي ويو آهي انڪري چاهي ٿو ته هاڻي لا ميڊيلينا ٻيٽ تي وڃي رهان جيئن شهر جي گوڙ ۽ شور کان آزاد زندگي گذاري سگهان.