ويرات ڪوهلي پنهنجو معاوضو گهٽائي ڇڏيو

0
492
ويرات ڪوهلي پنهنجو

ڪراچي(م ڊ) ڀارت جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪپتان ويرات ڪوهلي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ پنهنجي پگهار گهٽائي ڇڏي آهي، اڳوڻي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين پارٿيو پٽيل چيو آهي ته ويرات ڪوهلي پنهنجي پگهار گهٽائڻ جو فيصلو رائل چيلنجرز بينگلور جي بهترين مفاد ۾ ڪيو

ڀارتي ميڊيا موجب ويرات ڪوهلي پهريون رانديگر آهي جنهن کي رائل چيلنجرز بنگلور طرفان آءِ پي ايل جي ’ريٽينشن پاليسي‘ تحت ايندڙ سيزن لاءِ برقرار رکيو ويو آهي پر آءِ پي ايل جي سيلري ڪيپ موجب آر سي بي ويرات ڪوهلي کي 150 ملين رپيا معاوضي طور ادا ڪري سگهي ٿو،  جيڪا هن جي پوئين پگهار کان گهٽ آهي

ويرات ڪوهلي کان علاوه رائل چيلنجرز بنگلور پاران موجوده آءِ پي ايل سيزن لاءِ باقي ٻه رانديگر برقرار رکيا ويا آهن جن ۾ آسٽريليا جو گلين ميڪسويل ۽ ڀارت جو محمد سراج شامل آهي، ميڪسويل کي 11 ڪروڙ۽ محمد سراج کي ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ برقرار رکيو ويو آهي

ويرات ڪوهلي کي گذريل سيزن ۾ رائل چيلنجرز بنگلور طرفان 17 ڪروڙو ڀارتي رپيا ادا ڪيا ويا پر 2022 جي سيزن لاءِ 15 ڪروڙو رپين ۾ خريد ڪيو ويو آهي

ڀارتي ٽيم ۽ آءِ پي ايل ٽيم آر سي بي ۾ ڪوهلي لاءِ کيڏندڙ پارٿيو پيٽيل جو چوڻ آهي ته ويرات ڪوهلي کي پنهنجي پگهار ۾ گهٽتائي تي ڪو به اعتراض ناهي ۽ هن اهو رڳو پنهنجي ٽيم لاءِ ڪيو آهي

اڳوڻي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جو چوڻ هو ته ويرات ڪوهلي پنهنجي فيصلي سان ثابت ڪري ڇڏيو ته هو سٺو رانديگر هجڻ سان گڏ سٺو ليڊر به آهي، جنهن سان فرنچائز کي نيلامي ۾ بهتر رانديگر شامل ڪرڻا پوندا

ياد رهي ته ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل جي گذريل 9 سيزن کان رائل چيلنجرز بنگلور جي ڪپتاني ڪري رهيو هو پر ي ٽي 20 ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان کانپوءِ هن رائل چيلنجرز بنگلور جي ڪپتاني ڇڏڻ جو به اعلان ڪيو هو