اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ريلوي وزارت جي سفارش تي ريلوي اسٽيٽ ڊولپمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ڪمپني کي بحال ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪابينا جي قانونسازي  بابت ڪاميٽي جي 19 ۽ 25 مئي تي ٿيل اجلاسن جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي، جن ۾ اين آءِ آر سي ۾ چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جي رولز جي منظوري، اليڪشن ترميمي بل 2022ع کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري شامل آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي وفاقي ڪابينا اثاثو قرار ڏيندي انهن کي چونڊ عمل ۾ شامل ڪرڻ ضروري قرار ڏنو، وفاقي ڪابينا چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت رپورٽ تي غور ٿيڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ووٽنگ جي طريقيڪار کي پهريان پائليٽ پراجيڪٽ طور ڏسڻ ضروري آهي، ڪابينا پاران اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ جنهن اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جي بل جي منظوري ڏني آهي ان ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ضمني چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ لاءِ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ، ان جا نتيجا پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو مامرو شامل آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي اليڪشن ڪميشن ضمني چونڊن ۾ استعمال ڪندي، جيڪا رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن بعد ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو، وفاقي ڪابينا جهاز راني وزارت جي سفارش تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي موجوده چيئرمين نادر ممتاز جي ڊيپوٽيشن تي مقرري کي رد ڪندي ڊائريڪٽر جنرل پورٽ اينڊ شپنگ کي عارضي طور تي اضافي چارج ڏيڻ جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا وزيراعظم پاران صدر کي گورنر پنجاب جي مقرري جي حوالي سان موڪليل سفارش جي به منظوري ڏني.