اسلام آباد: اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بل تي غور دوران سائنس ٽيڪنالاجي  وفاقي وزير شبلي فراز، ن ليگ جي سينيٽر افنان الله خان ۽ پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته توهان مشين کي ٽيسٽ ڪرڻ کانسواءِ تبصرا ڪري رهيا آهيو، افنان الله چيو ته مان هن ٽيڪنالاجي کي سمجهان ٿو، جنهن تي شبلي فراز چيو ته مان سفارش ڪندس ته توهان کي ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکڻ تي تمغو ڏنو وڃي، شبلي فراز مصطفيٰ نواز کوکر سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان عمر جي لحاظ سان ننڍا آهيون، منهنجي ڳالهائڻ دوران مداخلت نه ڪيو، مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو ٽينڊر ٿيڻو آهي ته پوءِ هن مشين کي اسان ڇو ٽيسٽ ڪيون.