7 ڊسمبر يعني اڄ پوري ملڪ ۾ ووٽرز جو  ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي، وزير اعظم پاڪستان کان عام شھريءَ تائين ھر اِھو فرد جنھن وٽ قومي شناختي ڪارڊ آھي اِھو پنھنجي مرضي سان پنھنجي بنيادي حقن خاطر ڪنھن به سياسي جماعت يا آزاد اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو حق رکي ٿو، سڌريل ملڪن ۾ عوام پنھنجي ذميواري ۽ فرض سمجھي اليڪشن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪري ٿي، اھڙن ملڪن ۾ ووٽ تبديليءَ، پنھنجي بنيادي حقن، پنھنجي نسل جي حفاظت توڙي جمھوري طرز جي حڪمرانيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، ٿي سگھي ٿو ڪجھه ملڪن ۾ رنگ، نسل، ذات پات توڙي طاقت جي زور تي به ووٽ ڪاسٽ ٿيندا ھجن. پر مون کي افسوس سان اِھو چوڻو پئجي رھيو آھي ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ملڪ جي خوشحالي، امن، سلامتي، تعليم، صحت، ماحول جي بھتري ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن جي حفاظت لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بجاءِ پارٽيءَ سان وابستگي، برادريءَ جي سياست، مذھب، شخصي اھميت، قوم يا نسل جي بنيادن تي ووٽ ڪاسٽ ٿيندا آھن، نتيجي ۾ 75 سال گذرڻ باوجود ڪروڙين ووٽرز پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن ۽ سھولتن کان وانجھيل آھن، قدرتي وسيلن سان مالا مال، خوشحال سنڌ جي سمورن ضلعن جي صورتحال ڪنھن کان ڳجھي ناھي، شھري توڙي ٻھراڙيءَ جي آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي، تعليم، صحت، صفائي سٿرائي سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھي، سنڌ جا اڪثر شھر موجوده صورتحال کان ماضيءَ ۾ ڪافي بھتر ھئا، ماضيءَ ۾ ڪشادا روڊ، رستا، گھٽيون ھجڻ سان گڏ صفائي سٿرائي جو خاص بندوبست ھوندو ھيو، پر نااھل حڪمرانن سنڌ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آھي. اِن ۾ غلطي صرف انھن سياستدانن جي ناھي پر اُھي به ذميوار آھن جن پنھنجن مفادن، ذات، پات، قوم، نسل، مذھب توڙي پارٽي بنيادن تي ووٽ ڏئي انھن کي اقتدار ۾ آندو، پر مان اِن ڳالھه کان انڪاري به ناھيان ته اليڪشن وقت اميدوار شھرين کي سنھرا خواب ڏيکاريندا آھن، ھر ڀيري بنيادي سھولتن جي حاصلات جا خواب ڏسندڙ شھري تڏھن سجاڳ ٿيندا آھن جڏھن انھن مان اڪثر چونڊيل نمائندا ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد، ڪراچي يا وري ٻاھرين ملڪن ڏانھن وڃي رھائش اختيار ڪندا آھن ۽ وري شھرين کي پنھنجي چونڊيل نمائندي جو چھرو ڏسڻ لاءِ اليڪشن جو انتظار ڪرڻو پوندو آھي، جيڪڏھن چونڊيل نمائندا اليڪشن کان اڳ اچي به ويا ۽ ڪنھن ووٽر اليڪشن کان اڳ ڪيل اعلان، واعدا ياد ڏياريا ته پوءِ بس اُن جي خير ناھي پوءِ ته اھڙا اھڙا لفظ ووٽر کي ٻڌڻدا پوندا جيڪي اخلاق جي دائري کان ئي ٻاھر ھجن ٿا، پر جديد دور ۾ انھن چونڊيل نمائندن جا ووٽرز جي عزت، اھميت لاءِ چيل جملا اڄ به سوشل ميڊيا تي وائرل آھن. سنڌ جي ڪنھن به ضلعي جي چونڊيل نمائندي جي اوطاق تي وڃي ڏسو ته اُتي عوام جا ھجوم نظر ايندا جيڪي پنھنجي اولاد لاءِ روزگار، ڊرينيج نظام جي بھتري، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي، تباھه حال روڊن رستن جي بھتري لاءِ چڪر ڪاٽيندا آھن، اڪثر سياستدان عوام کي آسرا، دلاسا ڏئي وڏيرن، جاگيردارن، برادري جي چڱن مڙسن کي چونڊجڻ کان پوءِ خوش ڪندا آھن ڇو جو ڪاميابيءَ ۾ انھن جو اھم ڪردار ھجي ٿو، جيئن مٿي ذڪر ڪري چڪو آھيان ته اسان وٽ برادري، ذات، مذھب، پارٽيءَ جي بنيادي تي ووٽ ڏنا ويندا آھن سياستدان به اِن ئي عمل کي بھتر سمجھندو آھي ڇو جو ھر ووٽر وٽ وڃي اُن کان ووٽ گھرڻ ھاڻي اُن جي وس جي ڳالھه ناھي رھي، تنھن ڪري اُھي بااثر سياستدان برادريءَ جي وڏيرن، جاگيردارن، ڀوتارن کي ذميواري ڏيندا آھن ته ھو پنھنجي ڳوٺ، شھر، علائقي، برادريءَ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪن، پھريان اُنھن وڏيرن، ڀوتارن کي پنھنجي رھائش گاھه تي گھرايو ويندو آھي، اليڪشن کان اڳ جلسي جو بندوبست ڪيو ويندو آھي ته جيئن اُن علائقي، ڳوٺ ۾ وڏيري جي به واھه واھه ٿئي ته فلاڻو وڏو سياستدان ھن جي دعوت تي ڳوٺ آيو ۽ اليڪشن بعد اسان جي علائقي جا وڏا ترقياتي ڪم ٿيندا، بس پوءِ پنھنجي ئي ڪيل پلاننگ تي اُھي سياستدان ڳوٺن، شھرن جو رخ ڪندا آھن اڳواٽ فوتگين جي جوڙيل لسٽ مطابق تعزيتون ڪرڻ سان گڏ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري ووٽ جي گھرج ڪندا آھن ۽ عوام کي انھن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندا آھن، اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ چونڊيل نمائندن مان اڪثريت جو رويو ڪيئن ھوندو آھي اِھو منھنجي خيال ۾ اڄ جي  ٻار کي به خبر آھي. اليڪشن کان اڳ ۽ اليڪشن بعد سياستدان جو رويو مختلف ھوندو آھي، اليڪشن کان اڳ ووٽرز جو مان، مرتبو بيان ڪيو ويندو آھي، انھن کي ٽرانسپورٽ، کاڌ خوراڪ جي سھولت فراھم ڪري ووٽ جي لاءِ آندو ويندو آھي. اليڪشن ۾ ڪاميابي کان پوءِ اُھا ئي عوام خوشين ۾ ريليون ڪڍي، مٺائي ورھائيندي آھي پر اُن جو نتيجو اِھو نڪرندو آھي جو اڪثر سياستدان وري پورا پنج سال پنھنجي ووٽر کي چھرو ڏيکارڻ جي زحمت به ناھن ڪندا. ڇو جو انھن جي ووٽن جي ذميواري کڻندڙ جو مسلسل انھن سان رابطي ۾ ھوندا آھن جيڪڏھن ووٽر کي پنھنجي تڪ جي چونڊيل نمائندي سان ملاقات ڪرڻي ھوندي آھي ته پھريان تڪ جي وڏيري، جاگيردار سان وڃي ملندو آھي جنھن جي چوڻ تي ھن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جيڪڏھن پاڻ چونڊيل نمائندي جي عاليشان بنگلي تي ويو ته پھريان اُتي موجود سيڪيورٽيءَ گارڊ يا پوليس اھلڪار سوال نامن جي ھڪ لسٽ کوليندا آھن، پر اڪثر ووٽر کي اھو جواب ڏئي واپس ڪيو ويندو آھي ته صاحب شھر ۾ ڪو نھي، صاحب آرامي آھي، صاحب ميٽنگ ۾ آھي سميت ووٽر کي ٽارڻ جا اڻ ڳڻيا سبب انھن وٽ موجود ھجن ٿا. تازي پيل برساتن ۽ ٻوڏ جي تباھڪارين جو مثال ڏجي ته چونڊيل نمائندن پنھنجي ھائوسن تي ويھڻ ئي ڇڏي ڏنو، ووٽرز جن جا گھر، روڊ، رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا اُتي پھچڻ بجاءِ سياستدان يا انھن جو اولاد  پڪي وارن ھنڌن تي بيھي فوٽوسيشن ڪرائي روانو ٿي ويندا ھئا، جيڪڏھن ڪو سياستدان ٻيڙيءَ تي سوار ٿي پھتو به ته اُن کي وينس شھر ياد اچي ويو. ٻوڏ جو پاڻي ھن وقت به مختلف علائقن ۾ بيٺل آھي، لکين خاندان سخت سرديءَ ۾ کليل آسمان ھيٺيان ويٺل آھن، غربت جي لڪير کان ھيٺ ھزارين خاندان اھڙا آھن جن وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ جيتري سگھه ناھي، پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا ميڊيا آڏو دعوائون ڪندي نٿا ٿڪجن ته ھو عوام جي ڏکن، تڪليفن ۾ انھن سان گڏ آھن پر حقيقت اِھا آھي ته انھن کي متاثرن جي اھنجن، تڪليفن، پريشانين جو ڪو به احساس ناھي، پنھنجون ڪرسيون بچائڻ، پنھنجي مفادن جي جنگ وڙھڻ کان سواءِ ھنن وٽ ڪو به منشور ناھي، عوام کي ڏنل حق، بنيادي سھولتون صرف ۽ صرف آئين  ۽ ڪتابن تائين ئي محدود آھن. ھنن جي محلن، ماڙين توڙي عاليشان آفيسن توڙي جديد گاڏين ۾ گرمي توڙي سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سمورا بندوبست ٿيل آھن، انھن کي ڪھڙي خبر ته کليل آسمان ھيٺيان رات ڪيئن گذرندي آھي؟ اِن ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھي تقريرون ڪرڻ جا وڏا ماھر آھن پر عملي طور تي ڪو ھڪ سياستدان ٻڌائي جنھن ھڪ رات انھن ماروئڙن وانگر گذاري ھجي؟ ڪا ھڪڙي رات انھن جي بحاليءَ لاءِ گرمي يا سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ بنا سھولتن جي گذاري ھجي؟ خير منھنجي خيال ۾ انھن مان اھڙي اميد رکڻ به ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي. يعني ووٽر جيڪو چونڊيل نمائندن جي چونڊ ڪري انھن کي بالا ايوانن تائين پھچائين ٿا انھن جا بنيادي، قانوني ۽ آئين مطابق مسئلا حل ڪرڻ ۾ به ھي حڪمران سنجيده ناھن. تنھن ڪري اقتدار ڌڻين، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي گھرجي ته اليڪشن وقت جيڪي پارٽيون پنھنجو منشور ڏين ٿيون، يا اميدوار اليڪشن مھم ۾ عوام کي سنھرا خواب ڏيکارين ٿا، ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ  انهن تي عمل درآمد کي به يقيني بڻائين. جيڪو به اميدوار يا پارٽي پنھنجي واعدن يا منشور تي عمل نٿي ڪري ان کي ايندڙ اليڪشن لاءِ نااھل قرار ڏنو وڃي ته جيئن انھن کي عوام جي ووٽ جي اھميت جو اندازو ٿي سگھي. اِن سان گڏ ووٽرز کي به پارٽي، برادري، مذھب سميت ذاتي مفادن کان ھٽي ڪري ملڪ جي سلامتي، صحت، تعليم، بنيادي سھولتون توڙي پنھنجي ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ووٽ جو حق درست نموني استعمال ڪرڻ گھرجي.