سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) ملڪي دريائن ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري. سنڌو درياءَ ۾ تربيلا ڊيم  کان سکر تائين سمورن بيراجن وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح ڪالهه 1525.62 فوٽن تي پهچي وئي، جنهن بعد ڊيم ڀرجڻ جي گنجائش رڳو 24.18 فوٽ رهجي وئي آهي. تربيلا جو مٿاهون وهڪرو 307000 ۽ هيٺاهون وهڪرو 246700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪابل نديءَ ۾ نوشهري وٽ پاڻي وهڪرو 83100 ڪيوسڪ ٿي ويو. ڪالاباغ بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 224815 ۽ هيٺاهون وهڪرو 221375 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. چشما بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 333888 ۽ هيٺاهون وهڪرو 325888 ڪيوسڪ، تونسا بيراج وٽ مٿاهين پاسي 273996 ۽ هيٺاهين پاسي 268996 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بيراج وٽ ڪالهه معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن بعد ڪالهه شام گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿاهون وهڪرو 298209 ۽ هيٺاهون وهڪرو 274589 ٿي ويو. اهڙي ريت گڊو ۽ سکر بيراجن جي وچ ۾ پاڻي ڪچي جي وڌيڪ علائقي ۾ ڦهلجي ويو آهي. سکر بيراج جي مٿاهين پاسي وهڪرا وڌي 28005 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا ۽ هيٺاهين پاسي وهڪرا 274589 رڪارڊ ڪيا ويا. ڪوٽڙي بيراج وٽ ڪالهه مٿاهون وهڪرو وڌي 112030 ڪيوسڪ ٿي ويو ۽ هيٺاهين پاسي 84845 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. پنجند وٽان سنڌوءَ ۾ پاڻي جا وهڪرا وڌي 98758 ڪيوسڪ تي پهچي ويا آهن. هوڏانهن چناب نديءَ ۾ هندستان مان ڇڏيل پاڻيءَ جي نئين وهڪري بعد چناب ۾ خانڪي ۽ بلوڪي وٽ وڏي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.