ڪراچي ( اسپورٽس نيوز )  نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستان جي 21 امڪاني رانديگرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 9، 11 ۽ 13 جنوري تي ميچون ٿينديون. شروعاتي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، عبدالله شفيق، ابرار احمد، عامر جمال، حارث رئوف، حسن علي، احسان الله، امام الحق، ڪامران غلام، محمد حارث، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، قاسم اڪرم، سلمان آغا، شاداب خان، شاهنواز ڏاهاڻي، شان مسعود، شرجيل خان، طيب طاهر شامل آهن. فخر زمان، خوشدل شاهه ۽ شاهين آفريدي کي انجريءَ سبب شامل ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته زاهد محمود کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.