وندر جا وڻ ۽ وڃايل واٽون

0
172
موت ميندي کيت جا

                 هن وقت اسان جي سياسي صورتحال لطيف سائين جي هن بيت هن بيت جهڙي آھي

پنهون ٿيس پاڻ ويو سسئي جو شرم

هيڪليون هلن جي ڀڄي تن ڀرم

جي وندر ۾ ورم،  سودو سريس هتئين

اسان کي ورهاڱي کان وٺي ڪو اهڙو سودو سريو آھي، جنهن ۾ جڳن جا گهاٽا آھن، اسان ان گهاٽي ۾ ٻه نسل زندگي گذاري چڪا آھيون  ۽ ھي اسان جو ٽيون نسل آھي جيڪو ڀوڳي پيو . اسان جا ماڻھو اڄ به سسئي جيان سورن ۾ گذارين ٿا،  هي ماڻھو بکن ۽ اڃن جا هيراڪ بنجي ويا آھن،  هي ماڻھو رڻن، رڃن ۾ ۽ ڀڳل روڊن تي پيادي پنڌ جا عادي بڻجي ويا آھن.  هنن جو پنڌ کٽي نه ٿو. هنن جا رند ريت ۾ لٽجي چڪا آھن، هي ماڻھو خوابن پٺيان ڊوڙي ٿڪجي پيا آھن،هنن  ماڻھن وٽ مسئلن جي انبارن کان فرار جو ڪوئي رستو ناهي بچيو، جنهن ڪري هو ڪڏھن خودڪشي جو سوچين ٿا ته ڪڏھن وري رڻ منهن ڪن ٿا، ڪڏھن هو سماج، ڳوٺ ۽  پنهنجي گهر کان ڪاوڙجي هلياوڃن ٿا.

هن وقت اسان جي ماڻھن جي حالت اهڙي آھي جهڙي انگريزن جي دور ۾  ھندسان جي مسلمانن ۽ ھندن جي هوندي هئي، جن انگريزن خلاف 1919ع ۾ آسهڪار جي هلچل none co oprative movement هلائي هئي، جيڪا تحريڪ 1926ع ۾ ختم ٿي ويئي، ان دوران  پوري برصغير مان ڪيترائي مسلمان جان محمد جوڻيجي جي رهنمائي هيٺ ٻارين ٻچين ڪابل لڏي ويا هئا، ليڪن  هو اتان به ڦرجي واپس موٽيا، کين رڳو پهاڙن جا پنڌ ۽ سفر جون تڪليفون سريون هيون، هن وقت هتي جي سورن سٽيل ماڻھن کي ڪنهن ٻاهرين ولايت وڃڻ جي نه ته طاقت آھي ۽ ن ئي کين ٻاهر ڪا سلامتي ۽ سک نصيب ٿيندن.سسئي جنهن دور ۾  ڄائي اهو دور به  راجائي انائن جو دور هو ، سومرن جي ان دور ۾ جنهن ۾  رياستن جا راجا هاٿي تي سوار ٿيڻ مهل به ڪنڌ ھيٺ نه رکندا هئا، متان کين ڪنڌ ھيٺ ٿيندي ڏسي ڪو سوچي ته سندن  طاقت ۽ خودي ۾ گهٽتائي آئي آھي ۽ ھن دور ۾ انائون ڪاريهر جيان ڪر کڻي بيٺل آھن.

پاڪ و هند ۾ صوفي بزرگن ، اسلامي مبلغن ، عالمن، شاعرن ۽ سنتن محبت ۽ امن جو درس ڏيئي ڪنهن قدر هٺ ۽ وڏائي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن مذهبي، سماجي توڙي خانداني مت ڀيد کان مٿاهون ٿي دنيا کي خوبصورت بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر افسوس  ڪجھه وقت کان پوءِ لالچ، لوڀ، اقتداري حوص ٻيهر ڀڙڪي ٿي اٿيو جنهن ڪري دنيا  وري به آڳ جو  نئون ڀڙڪندڙ دوزخ ٿي بنجي پئي. سسئي جو پنهون پٺيان وندر جي واٽ وٺي وڃڻ ھڪ تاريخي داستان آھي پر صديون گذرڻ بعد به علامتي جدوجهد جي صورت ۾ موجود آھي، وندر جو اهو علائقو جنهن جي واٽ وٺي سسئي ڪيچ مڪران ڏانهن ويئي هئي اهو علائقو لسٻيلا بلوچستان ۾ آھي، بلوچستان  هڪ پهاڙي وسيع صوبو آھي. هن صوبو جو نالو بلوچستان، بلوچن جي ڪري ئي پيو ، جيڪي چوٿين صدي عيسوي ۾  ھتي آيا هئا. بلوچن جي اچڻ کان اڳ هتي دراوڙ ، عرب ، بروهي ، راجپوت ۽ جت رهندا هئا.

هن وقت اتي بلوچن جي اڪثريت رهي ٿي،جيڪي بنيادي انساني حقن کان گهڻي قدر محروم آھن،  انهن ۾ ڪجھه گروپ اهڙا به آھن جيڪي رياست خلاف  سرگرم آھن.ياد ٿو اچي هڪ دفعي پراڻ جي سڪل ڍوري کان اچي رهياسين،آرهڙ جي تتل موسم هئي، هڪ جهوپڙي وٽان گذرڻ ٿيو، اتي هڪ جهونو بلوچ مليو جنهن جو نالو نورمحمد هو. هو جهوپڙي ٻاهران نم جي وڻ ھيٺ ڦڙھن جو تڏو وڇائي ويٺو هو، اسان  به ڪجھه وقت اتي ويهي تتل ڏينهن جا پهر ٽارڻ ٿي چاهيا، تنهن ڪري اوڏنهن هليا وياسين اتي پهچي جهوني بلوچ کان پڇيم، تون ڪٿان جو آھين؟ چيائين لسٻيلا جو راهاڪو هوس، ليڪن جڏھن  کان بلوچ نوجوانن تي نئين قيامت برپا ٿي، ته هن طرف نڪري آياسين.  هن جي ڊگهي اڇي ڏاڙھي ۽ وڏين مڇين جي وارن سان هن جو وات ڍڪيل هو. هن ٻڌايو ته بلوچن سان ظلم نه فقط اڄ ڪلهه جو قصو آھي پر اهو گهڻو پراڻو آھي. صدر ايوب جي دور ۾  نواب  نوروز خان زرڪئي سميت اٺن بلوچ اڳواڻن کي فوجي ڪورٽن ذريعي سزائون ڏيئي ڦاهي تي ٽنگيو ويو ۽ مشرف جي دور ۾  نواب اڪبر بگٽي کي ڪيترن ئي نوجوانن سان گڏ بم هڻي قتل ڪيو ويو، ايئن چئي هن اکيون پوري ڇڏيون ۽ ڄڻ ته ماضي جي اونهي ڪارونڀار ۾ گم ٿي ويو.

ڀينر هن ڀنڀور۾ دوزخ جو دونهون

سوارو سونهون پچي پورج سسئي

وندر شھر حب کان پهريان اچي ٿو، جتي پهاڙ ۽ ڏکيا پيچرا آھن ، جتي سسئي پنڌ ڪندي پنهون جي پٺيان ٿي ويئي، وندر ڪراچي کان اٽڪل ڏيڍ سئو ڪلوميٽر جي پنڌ تي موجود آھي، سسئي جڏھن ڀنڀور شھر کان نڪري پنهون جي پٺيان ويئي هئي ته هوءَ وندر جي واٽ ويئي هئي، وندر ۽ حب کان ٿيندي ڪانڀو ۽ ڪاري جبل جا لڪ لتاڙي ڪيچ مڪران ڏانهن هن رخ  ڪيو هو .ڀنڀور ڪراچي کان اوڀر ڏکڻ ۾ ڪنهن زماني ۾ وسندڙ شھر هو ،جيڪو هارون رشيد جي زماني۾ 787ع ۾ اجڙڻ شروع ٿيو هو پر پوءِ به سومرن جي دور تائين ضرور موجود هو. جتي سسئي پنهون سان  پريت جو پيچ اڙايوهو، جيئن  سسئي جا سور پنهون جي بيوفائي جي عڪاسي ڪن ٿا، ايئن سنڌ جي مظلوم ماڻھن سان چونڊيل نمائندن جي  بي پرواهي ۽ بيوفائي جي عڪاسي ٿئي ٿي، هن وقت جڏھن مرڪز ۾  هڪ  حڪومت مان جان ڇٽي آھي ته اتي هڪ ٻي حڪومت آئي آھي، افسوس رڳو ان ڳالھه جو ناهي، افسوس اهو آھي ته ويندڙ ۽ ايندڙ حڪومتن جي وزيرن ۽ سفيرن ۾ اوس رساڪشي موجود رهي ٿي، جنهن سان ملڪ  ۽ ملت جي ترقي ٿيڻ بجاءِ تنزلي ٿي رهي آھي.

هو عوام جي اهنجن ڏانهن ڌيان ڏيڻ بجاءِ سارو وقت  هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا آھن ۽ آئين ۽ قانون سان هٿ چراند ۾ مصروف عمل آھن. ھن وقت جڏھن مختلف سياسي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌجن ٿيون ته انصاف ۽ آئين تان ارواح ئي کڄي ٿو وڃي ۽ انهن جي  ڪردارن تي کل اچي ٿي.ورهاڱي کان وٺي هيل تائين اسان جي ديس ۾ جيڪو وهيو واپريو آھي،اهو لڱ ڪانڊاريندڙ رهيو آھي،ان جا اکين ڏٺا شاهد ماڻھو ته دنيا ۾ شايد نه رهيا هجن، ليڪن تاريخ جا ڪتاب موجود آھن، چمن لال جو ناول، آزادي، خشونت سنگهه جو ناول، ٽرين ٽو پاڪستان ۽ ڪرشن چندر جو ناول، هم وحشي هين، پڙھجي ٿو ته ڳوڙھا روڪي نه ٿا سگهجن،انهن ڪتابن ۾ لکيل آھي ته ورهاڱي وقت جڏھن  ريل گاڏيون اسٽيشن تي اچي بيهنديون هيون ته انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ لاش ھوندا هئا، ڪڏھن انهن لاشن کي رستي تي ڦٽو ڪيو ويندو هو، جن کي ڳجهون پٽينديون هيون، ان دور جي بي تحاشا خونريزي کان ويندي هن وقت تائين بدحالي، بک ،آئين جي لتاڙ  ان دور جو تسلسل سمجهجي يا وري هتان جي ماڻھن جي بد قسمتي سمجهجي.

هن وقت اسان جي سياست ۾  ھڪ ٻئي کي غدار چوڻ،مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن لفظن جو هر تقرير ۾ خوب استعمال ٿيندو رهيو آھي، انهن مان شايد گهڻن اڳواڻن کي مير صادق ۽ مير جعفر جي پوري خبر به نه هجي ته هو ڪير هئا. هنن ان وقت جي حڪمرانن سان ڪيئن غداري يا بيوفائي ڪئي؟ مير جعفر بنگال جي نواب سراج الدوله سان بغاوت ڪري مشھوري ماڻي هئي، هو سراج الدوله جي فوج ۾ سپه سالار هو، هو 1691ع ۾ ڪوميلا بنگال ۾ ڄائو هو ۽ 1765ع ۾ بنگال ۾ فوت ٿيو. هن کي انگريز لارڊ رابرٽ ڪلائيو  1757ع ۾ بنگال جونواب مقرر ڪيو پر هي ڪٽ پتلي نواب هو ، سمورا اخيار رابرٽ ڪلائيو وٽ ھئا، اڳيان هلي مير جعفر کي انگريز سرڪار هٽائي، مير صادق کي 1760ع ۾ بنگال جو نواب مقرر ڪيو، جنهن کي 1763ع ۾ معزول ڪيو ويو.

مير صادق  ٽيپو سلطان جو وزير هو، جڏھن انگريز سرڪار سرنگاپٽم تي چڙھائي ڪئي ته مير صادق قلعي جو درازو بند ڪري انگريزن کي ٽيپو سلطان جي موجودگي جو اطلاع ڏنو، انگريزن حملو ڪري ٽيپو سلطان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سلطنت ميسور جو خاتمو ٿي ويو ۽ پاڻ به 1799ع ۾ سرنگاپٽم جي جهڙپ دوران ماريو ويو.

اقتدار ۽ڌن جي لالچ ۾ ڪنهن ڪنهن نه غداري ڪئي آھي، سڪندر مرزا سان صدر ايوب خان جي بغاوت ۽ کيس ملڪ بدر ڪرڻ،  ذوالفقارعلي ڀٽي سان جنرل ضياءَ جي غداري ۽ کيس سولي تي لٽڪائڻ، شھيد بينظير ڀٽو سان فاروق لغاري  جي غداري۽ سندس حڪومت معزول ڪرڻ، پاڪستاني تاريخ ۾ غداري جا وڏا مثال آھن ۽ اهڙي طرح ھن مهل تائين حڪومتن ۾ ايندڙ سياستدان ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اقتدار جي حصول خاطر  سندن رهبرن سان غداري ڪندا رهيا آھن.  آئون تاريخ جي صحرا ۾ ڪنهن مسافر جيان ڀٽڪي پٺتي موٽان ٿو ته هن وقت مون کي سنڌ جي پورهيت ماڻھن جون آھون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون،  هو پنهنجي سورن جا صليب ڪلهن تي گهڻي ديوانن جيان ڦرندا نظر اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ انهن ماڻھن جا خواب سندن اداس اکين ۾ تيستائين ريت جيان ڄميل رهڻا آھن  جيستائين هو سسئي جيان جدوجهد جا ڏکيا سفر طئي نه ٿا ڪن.

ويھه م منڌ ڀنڀور ۾ ڪج وڃڻ سين وس

ليڙن جو لطيف چوي ڏونگر ڏيندئي ڏس

هلي پنهون پس،  سر ڀر رڙھي سسئي