ولي بابر ڪيس جي پراسڪيوٽر جو قتل ڪيس، ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي اپيل منظور

0
121
ولي بابر ڪيس جي پراسڪيوٽر

ڪراچي: ولي بابر ڪيس جي پراسڪيوٽر جو قتل ڪيس، ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي اپيل منظور ڪئي وئي آھي، صحافي ولي بابر قتل ڪيس جي اڳوڻي پبلڪ پراسڪيوٽر جي قتل ڪيس ۾ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي اپيل منظور ڪئي وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ نعمان جي اپيل منظور ۽ ڪاظم رضا جي سزا خلاف اپيل رد ڪئي، دهشتگردي ٽوڙي خصوصي عدالت ٻنهي جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

رينجرز ٻنهي جوابدارن کي ڪراچي آپريشن دوران گرفتار ڪيو هو، ٻنهي جوابدارن رينجرز طرفان پڇاڳاچا ۽ جي آءِ ٽي سامهون قتل جو اعتراف ڪيو هو

پوليس جو چوڻ آھي تھ پبلڪ پراسڪيوٽر نعمت رندهاوا کي 2013 ۾ ناظم آباد واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو هو: پوليس