ڪراچي(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن کان دنيا جي بهترين بالرن جي حوالي سان راءِ ورتي وئي. اي ايس پي اين ڪرڪ انفو طرفان ڪين وليمسن جي هڪ مختصر وڊيو جاري ڪئي وئي جنهن ۾ ميزبان هن کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ آسٽريليا جي ورلڊ ڪلاس بالر مچل اسٽارڪ مان ڪنهن جو يارڪرز وڌيڪ خطرناڪ آهي. جواب ۾ ڪيوي ڪپتان ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ چيو ته ٻنهي بالرن جا يارڪرز ڪافي حد تائين هڪ جهڙا آهن. پوءِ ڪين وليمسن پنهنجي جواب جي آخر ۾ شاهين شاهه آفريدي جو نالو وٺي ٿو.