لاهور (م ڊ) رٽائرڊ جسٽس ناصره اقبال جي گهر تي پوليس جو ڇاپو، پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر وليد اقبال جو پڇاڻو ڪيو،  تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيٽر وليد اقبال جي والده رٽائرڊ جسٽس ناصره جاويد اقبال چيو آهي ته پوليس وارا رات جو 2 وڳي گهر جو درواز ٽوڙي اندر آيا، پڇيو وليد اقبال آهي يا نه؟ هنن وٽ ڪوبه گرفتاري وارنٽ نه هو، سينيٽر وليد اقبال چيو ته امڙ 81 ورهين جي آهي، رات جو 2 وڳي گهر تي حملو ڪيو ويو، اهڙين حرڪتن سان احتجاج ڪندڙن لاءِ همدرديون وڌنديون، اسانجي دور ۾ سڀني مارچ ڪيا، ايئن نه ڪيو ويو.