اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي نائب صدر فواد چوڌري چيو آھي ته عمران خان اسيمبلي جي ميمبرن کي تڪن ۾ وڃڻ چونڊن جي تياري جي هدايت ڪئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم چونڊن کان ائين ڀڃندي رهندي پر اسان وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي صوبائي تڪن جي چونڊون طرف ويندا سين، قومي اسيمبلي جون چونڊون بعد ۾ ٿينديون. هن چيو ته حيران آھيان ته چور دروازي کان وزير اعظم جي ڪرسي تي ويٺل شخص پنهنجي حڪومت کي پارلياماني جمهوريت قرار ڏئي رهيو آھي، شهباز شريف صاحب توهان ملڪ جو اهڙو نظام ٺاهيو آھي ته ماڻهن جو جمهوريت تي اعتماد ئي ختم ٿي ويو آھي سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين تي جيڪي ظلم هن 7 مهينن ۾ ٿيا انهن جو حساب ٿيندو.