لاهور (م ڊ) پاڪستان  تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪجھه ڏينهن عملدرآمد جو انتظار ڪندس ۽ پوءِ عوام کي وٺي حڪومت خلاف ٻاهر نڪرندس. لاهور جي زمان پارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان واضح ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد ڏسڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن انتظار ڪندس، حڪومت قدم نه کنيا ته روڊن تي نڪرندس. ٻئي پاسي پي ڊي ايم حڪومت خلاف فيصلائتي حڪمت عملي لاءِ زمان پارڪ ۾ عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو، 14 مئي کان پوءِ جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.  هوڏانهن  وزيراعظم شهباز شريف کان ڪجهه سوال ڪيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته آئون ٻه ڀيرا قاتلاڻن حملن جو نشانو بڻيس، ڇا آئون شهباز شريف کان سوال پڇي سگهان ٿو؟ عمران خان سوال ڪيو ته ڇا مون کي پاڪستاني طور قاتلاڻي حملي جي ذميوارن کي نامزد ڪرڻ جو حق آهي؟ تحريڪ انصاف چيئرمين، وزيراعظم کان اهو به سوال ڪيو ته مون کي ڪيس داخل ڪرڻ جي آئيني ۽ قانوني حق کان ڇو محروم ڪيو ويو؟ هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف انهن سوالن جا سچ تي ٻڌل جواب ڏئي سگهي ته انهن سڀني مان هڪ ئي طاقتور شخص ۽ ان جي ساٿين جو پتو ملندو، جيڪي سڀ قانون کان مٿانهان آهن. هن وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان باضابطا طور اعلان ڪيون ته پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون ئي لاڳو آهي، جتي جيڪو ڏاڍو سو گابو جو اصول هلي رهيو آهي.