لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس لاهور قلندرز خلاف ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد جي بيٽنگ تي سخت تنقيد ڪئي آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر سرفراز احمد کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته لاهور قلندرز خلاف گليڊي ايٽرز کي پهريان ئي ڪا سٺي شروعات نه ملي، ان باوجود سرفراز احمد 28 بالن تي 27 رنز ڇو ٺاهيون؟ ان اسٽرائيڪ ريٽ سان ڪاميابي ته نه پئي ملي سگهي. هن چيو ته ڇهين نمبر تي کيڏندڙ رانديگر گهٽ ۾ گهٽ 150 کان 160 اسٽرائيڪ ريٽ سان فنش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر سرفراز ته 100 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏي رهيو هو.