وفاق ۽ پنجاب آمهون سامهون

0
178
وفاق-۽-پنجاب-آمهون-سامهون

  هي ته شهباز گِل آهي جنهن جي ڪيس کي ڪور ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪڏهن اسلام آباد ته ڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا، هاڻ ته راولپنڊي جي اڊيالا جيل کان پمز اسپتال تائين ميڊيا جون گاڏيون ڊوڙندي نظر اچن ٿيون، ايتري قدر جو جن صحافين کي عمران خان جي دور ۾ اغوا ڪيو ويو، اُهي به نه رڳو شهباز گل جي ڪيس کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ اچن ٿا پر شهباز گل جي انساني حقن لاءِ آواز به اٿارين ٿا پر مون کي ياد آهي ته عمران خان جي پنهنجي دور ۾ ڪنهن پارٽيءَ جي شهباز گل جي سطح جي قيادت نه پر آصف زرداري، نوازشريف، مريم نواز، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، خورشيد شاهه سطح جي قيادت کي گرفتار ڪري جيل ۾ اماڻيو ويو، آصف زرداري کي سندس اسلام آباد واري گھر اندر ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو به موجود هئا، پيپلز پارٽي جي خورشيد شاهه کي اسلام آباد واري سندس گھر مان گرفتار ڪيو ويو، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني جڏهن به اسلام آباد ايندو آهي ته اسان کيس چوندا آهيون ته گرفتار ٿيڻ آيا آهيو، سراج دراني کي هميشه اسلام آباد مان ئي گرفتار ڪيو ويندو رهيو آهي.

هي جيڪو هاڻ وفاق ۽ پنجاب آمهون سامهون واري ڪيفيت شروع ٿي آهي، مان دوستن کي چوندو آهيان ته اسان لاءِ نئين ڪيفيت ناهي، سالن کان وفاق ۽ سنڌ آمهون سامهون واري ڪيفيت کي ڏٺو آهي، اهي جيڪي گورنر راڄ جون ڌمڪيون هاڻي راڻا ثناءُ الله پنجاب وارن کي ڏئي پيو، عمران خان جي دور ۾ ته ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ گورنر راڄ جون ڳالهيون ڪنفرم ڪرڻ لاءِ انهن ئي وزيرن جا در کڙڪائيندا هئاسين، ايتري قدر جو مراد علي شاهه جي اسلام آباد اچڻ تي بلاول ڀٽو کان سوال ٿيو هو ته مراد علي شاهه جي گرفتاريءَ جو خدشو آهي، جنهن تي بلاول ڀٽو چيو هو ته مراد علي شاهه لانڍي جيل ۾ هجي يا اڊيالا جيل ۾ هجي، سنڌ جو وزراعليٰ مراد علي شاهه ئي هوندو، اسان آصفه ڀٽو جي پنهنجي ئي گھر آڏو دير تائين دروازو نه کولڻ واري انتظار کي به رپورٽ ڪيو ته فريال ٽالپر کي عيد جي رات پولي ڪلينڪ اسپتال مان گرفتار ٿيندي به ڏٺو.

احتساب عدالت ٻاهران صبح جي سج اڀرڻ سان ئي ميڊيا جون گاڏيون اچڻ شروع ٿي وينديون هيون، ڪڏهن آصف زرداري ته ڪڏهن يوسف رضا گيلاني، ڪڏهن نوازشريف ته ڪڏهن شاهد خاقان عباسيءَ جون حاضريون لڳنديون هيون، هينئر به ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چوي پيو ته شاهد خاقان عباسي سميت اسان کي جنهن ڪيس ۾ جيل جون ڌمڪيون مليون، ڪيس هليا جيل ياترائون ٿيون، هنن تي به ڪيس هلن. ان ساڳئي احتساب عدالت ٻاهران اسان سڄي سڄي رات ان انتظار ۾ ويٺا هئاسين ته نوازشريف گرفتار ٿئي ٿو ته کيس اڊيالا جيل اماڻيو ويندو يا لاهور، جڏهن نيب جي ڪسٽڊي ۾ آصف زرداري ۽ شاهد خاقان عباسي هڪ ئي جاءِ تي قيد هئا تڏهن رات جو جڏهن سندن گھران ماني ايندي هئي تڏهن انهن کان پڇندا هئاسين ته هي آصف زرداريءَ جي ماني آهي يا شاهد خاقان عباسيءَ جي؟ آصف زرداري ۽ شاهد خاقان عباسي ضمانت نه ڏيڻ جون درخواستون ڪندا هئا، سندن پارٽين قومي اسيمبليءَ جي ميمبر هئڻ باوجود انهن جا اسپيڪر اسد قيصر پاران پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ کان پوءِ سندس آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ کان پوءِ چيو ته هاڻ اسان پروڊڪشن آرڊر جي درخواست به نه ڪنداسين، هي جيڪو اسد قيصر آهي جنهن کي هاڻ ملڪ جو قانون ياد اچي ويو آهي اهو اسپيڪر هوندي پنهنجي اڳواڻ جي چوڻ تي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر به جاري نه ڪندو هو، آصف زرداريءَ تي بلاول ڀٽو، بختاور ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو ملاقات ڪري دٻاءُ وڌو ته هو بيمار آهي، علاج خاطر ضمانت جي درخواست داخل ڪري انهن ئي ڏينهن ۾ برگيڊيئر (ر) اسد منير ڪرپشن جي الزامن تي خودڪشي ڪري ڇڏي، استادن جي لاشن کي هٿڪڙيون لڳل هيون، رانا ثناءُ الله جي گاڏي مان منشيات نڪتي، اهي منظر ياد ڪري جڏهن شهباز گل جي معاملي تي تحريڪ انصاف جو ردعمل ڏسون ٿا ته سمجھه ۾ نٿو اچي ته انهن کي چند مهينا اڳ جي ياد ڪيئن ڏياريون؟ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيڪو عمران خان چوندو هو ته منهنجي مٿان رڳو الزام لڳي ته مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس پر هاڻ ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيڻ بدران چوي ٿو ته انهن جي همت ڪيئن ٿي ته مون کان سوال ڪن؟!

هينئر هينئر ن ليگ جي جاويد لطيف به پنهنجي گرفتاريءَ جو داستان ٻڌايو آهي، سندس خيال آهي ته شهباز گل ته مهرو آهي، اصل ڪردار ته ٻيو آهي، هاڻ اصل ڪردار مقصد عمران خان جنهن جي حوالي سان راڻا ثناءُ الله به چوندو رهيو آهي ته ڪابينا جي سامهون معاملا رکندس، ڪابينا اجازت ڏني ته پوءِ ايڪشن کڻبو، جڏهن ته حڪومت جي سامهون سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ جي رولنگ جي حوالي سان فيصلو به موجود آهي، هينئر فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو به سامهون اچي ويو ته توشه خانه وارا قصا به هلن پيا پر شهباز شريف کان ويندي رانا ثناءُالله تائين رڳو خالي بيان سامهون اچي رهيا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته شهباز شريف حڪومت نه رڳو مفاهمت پر نگران سيٽ اپ جھڙي مزاج مان گذري رهي آهي، جنهن ڪري شهباز شريف جي ڪيفيت به ذري گھٽ عثمان بوزدار جھڙي ٿي وئي آهي، جنهن کان پنهنجا به خوش ناهن ته اتحادي به ناراض ناراض نظر اچن ٿا.

هيڏانهن شهباز شريف جي حڪومت عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ خلاف ڪنهن به قسم جو ڪو به ايڪشن کڻڻ واري نتيجي کان خوفزده نظر اچي رهي آهي ته ٻئي پاسي ساڳيو خوف عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ کي به ورائي ويو آهي، عمران خان ڪڏهن گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ پشاور کي بني گالا بڻائي ٿو ڇڏي ته ڪڏهن اسلام آباد جي بني گالا کان ٻاهر ئي نٿو نڪري. هاڻي ته چوي ٿو ته شهباز گل کان پڇيو ٿو وڃي ته عمران خان ماني ڪهڙي کائيندو آهي، عمران خان جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي ڪيس ۾ تفتيشي آفيسر دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿيا ان ڪري جو نوازشريف وارن کي خبر هئي ته هو ماني ۾ ڇا کائيندا هئا، ان جو مقصد ته عمران خان شهباز حڪومت تي الزام پيو هڻي ته اهي سندس کاڌي ۾ زهر ملائي سگھن ٿا. شهباز گل واري معاملي تي پوليس جون ڪارروايون به حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي رهيون آهن، هڪ ته شهباز گل جي ڊرائيور جي گھر واري کي گرفتار ڪرڻ ڊرائيور جي معصوم نياڻي کي عدالت ۾ آڻڻ خود مريم نواز کي به مايوس ڪيو ته ايئن نه ٿيڻ گھربو هو، جڏهن ته اهي سوال به اٿي رهيا آهن ته آخر شهباز گل جي موبائيل ۾ ڇا آهي جنهن جي پوليس کي ڳڻتي آهي، جڏهن ته پوليس کي شهباز گل کان اڃا ڪهڙي تفتيش ڪرڻي آهي، ن ليگ جو جاويد لطيف چوي پيو ته منهنجو 14 ڏينهن جو رمانڊ هو، شهباز گل جو 12 ڏينهن جو ته هجڻ گھرجي.

شهباز گل جي گرفتاري سندس بيان جي پٺيان ڪيترن ئي ڌرين جي ڪاوڙ سان سلهاڙيل آهي پر شهباز حڪومت به شهباز گل جي گرفتاريءَ جي نتيجي ۾ عمران خان کي آزمائڻ گھري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جون وڌيڪ گرفتاريون به ٿي سگھن ٿيون، جڏهن ته شيخ رشيد به لاهور واري جلسي ۾ نظر نه آيو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي گرفتاريءَ جي صورت ۾ پنجاب اندر ن ليگ اڳواڻن جون گرفتاريون به ٿي سگھن ٿيون، ايتري قدر جو ن ليگ ان ۾ پريشان آهي ته جيڪڏهن نوازشريف واپس اچي ته لاهور اچي يا اسلام آباد؟ جيڪڏهن نوازشريف لاهور اچي ٿو ته ڪيس گرفتار به ڪري سگھجي ٿو، اهو سوال جڏهن جاويد لطيف کان ڪيو ويو ته جاويد لطيف وراڻيو ته اسان نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ نواز شريف کي ملڪ واپس آڻي رهيا آهيون. جاويد لطيف جنهن جو مزاج مزاحمتي آهي، سندس تعلق مريم نواز واري لڏي ۾ تصور ٿئي ٿو، ان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته نوازشريف کان سواءِ ڪا به شيءَ ممڪن ناهي، شهباز شريف به هڪ ڪارڪن آهي، ان ڪري جڏهن نوازشريف ايندو ته هر شيءَ بهتر ٿي ويندي. جڏهن ته عمران خان وارا سمجھن ٿا ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کان سواءِ ڪا به شيءَ ممڪن نه آهي، عمران خان ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ضمني چونڊن جي 9 ئي تڪن تان چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم جمع ڪرايا آهن، عمران خان جو خيال آهي ته هو اڪيلو مقبول ترين ليڊر آهي، پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ زبردست ڪامياب جي نتيجي ۾ جتي حمزه شهباز جي حڪومت جو خاتمو ٿيو اتي ئي عمران خان جي اعتماد ۾ ايترو اضافو ٿي چڪو آهي جو هاڻ به چوي پيو ته نيوٽرلس لاءِ اڃا به وقت آهي، عمران خان چوي ٿو ته موت کي اوليت ڏيندس پر هنن ڪرپٽ حڪمرانن سان نه ويهندس. عمران خان اها ڳالهه پهريان ئي آءِ ايم ايف لاءِ ڪئي هئي ته آپگھات ڪري ڇڏيندس پر آءِ ايم ايف ڏانهن نه ويندس پر بعد ۾ عمران خان چيو هو ته آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ ۾ دير ٿي وئي، هاڻ ته مفتاح اسماعيل خوشخبريون پيو ٻڌائي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو، ملڪ سريلنڪا بڻجڻ کان بچي ويو.

هاڻي هڪڙي پاسي عمران خان جي مقبوليت آسمان سان پئي ڳالهيون ڪري ته ٻئي پاسي عمران خان ضمني چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ فوري چونڊ کي ان ڪري مسئلي جو حل سمجھي ٿو ته جيڪڏهن جلدي چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف کي ڪاميابي ملندي، جڏهن ته رانا ثناءُ الله جو خيال آهي ته عمران خان جي مقبوليت ختم ٿي چڪي آهي، عمران خان سان لانگ مارچ ۾ ماڻهو نه نڪتا، عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ کان هٽي ويو، عمران خان اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج جو سڏڏئي بني گالا مان ڪارڪنن کي وڊيو لنڪ ذريعي ايف نائن پارڪ ۾ خطاب ڪيو، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ان سان عوام ڇو نٿو نڪري. هڪڙي ڳالهه ته طئي آهي ته ن ليگ به اهو تسليم ڪري ورتو آهي ته جيڪو عمران خان بيانيو وڪرو ڪري رهيو آهي اهو نوازشريف جو آهي جنهن جو مقصد ته هاڻ عمران خان سان رڳو نوازشريف ئي مقابلو ڪري سگھي ٿو.