پشاور(م ڊ) ڪي پي جي نگران وڏي وزير اعظم خان چيو آهي ته منهنجي لاءِ نگران وڏوزارت سرپرائز هئي، نه مون ڪنهن سان ڳالهايو هو نه ڪنهن مون کان پڇيو هو، وڏي وزير لاءِ منهنجو نالو اڪرم دراني ڏنو هو شايد پرويز خٽڪ ۽ محمود خان عمران خان سان مشاورت ڪئي هجي. هن چيو ته ڪي پي کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ مڪمل حق نه ڏنا ويا آهن. ضم ٿيل ضلعن لاءِ خاص فنڊ نه ڏنا ويا آهن. هائيڊل بجلي جي منافعي جو حق به نه مليو آهي. صوبائي ڪابينا ۾ اهڙا ماڻهو شامل هوندا جن کي فيلڊ جو تجربو هوندو. ٻئي طرف اطلاع آهن ته نگران وڏي وزير ڪابينا لاءِ سوچ ويچار شروع ڪري ڇڏي آهي.