ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ڊجيٽل آدمشماري تي پنهنجن خدشن کان وفاقي سرڪار کي آگاهه ڪري ڇڏيو، خدشا ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا قبول نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سمورين سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي کي ڊجيٽل آدمشماري واري عمل تي اعتماد هجي، صوبي جي هر شهري کي ڳڻيو وڃي، هر خاندان جي سربراهه کي خبر هجي ته جيڪڏهن ھن پنهنجي خاندان جا 10 ڀاتي لکرايا آهن ته اھي  ڊيٽا ۾ شامل هوندا، هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي ڊيٽا سنڌ حڪومت سان شيئر ڪئي وڃي. هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙن (ڌارين) کي به ڳڻيو وڃي ته جيئن درست انگ اکر سامهون اچن ته سنڌ ۾ ڪيترا ماڻهو رهن ٿا ۽ اھي  ڪيترا وسيلا استعمال ڪن ٿا؟ هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊجيٽل آدم شماري تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاھ به وفاقي حڪومت ۽ مختلف فورمز تي آدمشماري وارو معاملو اٿاريو آهي. هن چيو ته اسان وفاق کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، وفاقي سرڪار جي جواب جو انتظار آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي، روزانو واھپي جي شين جي اگھن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ بيورو آف سپلا جي آفيسرن  کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد  اهي آفيسر  ھٿ ٺوڪي مهانگي ڪندڙن کي گرفتار ڪرائڻ سان گڏ ڏنڊ وجھي سگهندا، هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي آپريشن ۾ پنجاب ۽ بلوچستان پوليس ۽ رينجرز کان مدد وٺبي، ضرورت پوڻ تي پاڪ آرمي جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. هن چيو ته ڌاڙيل وٽ خطرناڪ ۽ جديد هٿيار آهن، جنهن سبب سنڌ حڪومت پوليس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻ لاءِ فنڊز جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، سنڌ سرڪار ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردن کي هولي ملهائڻ کان روڪڻ جو نوٽيس ورتو آهي، واقعي جي جاچ جاري آهي، رپورٽ اچڻ بعد ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي.