اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اڄ سومر ڏينهن وڊيو لنڪ ذريعي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير شرڪت ڪندا، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ هڪ نقاطي ايجنڊا جي طور تي 2017ع جي آدمشماري کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪجي يا نه جي منظوري تي غور ٿيندو، ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت اڄ ٿيندڙ سي سي آءِ جي اجلاس بابت حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جا وڏا وزير پهريان ئي 2017ع جي آدمشماري جي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي حمايت ڪري چڪا آهن، اڄوڪي اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير کي به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي وانگر حمايت ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويندو، سنڌ صوبي پاران اگر 2017ع جي آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي ته وفاقي حڪومت 2017ع جي آدمشماري کي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بابت سي سي آءِ جي اجلاس ۾ اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏيندي، آئيني طور تي سي سي آءِ کي اڪثريت راءِ سان فيصلو ڪرڻ جو اختيار مليل آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان صوبي کي مڃائڻ ۾ ناڪام ٿي ته اڄ ٿيندڙ سي سي آءِ جي اجلاس مان 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري وٺڻ وفاقي حڪومت لاءِ مشڪل ٿي ويندو.