وفاق ٽٽو ته نقصان سنڌ کي ٿيندو : قادر مگسي جو يوم مادر وطن جلسي کي خطاب

0
250
وفاق ٽٽو ته نقصان سنڌ کي ٿيندو
وفاق ٽٽو ته نقصان سنڌ کي ٿيندو : قادر مگسي جو يوم مادر وطن جلسي کي خطاب

حيدرآباد: ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي يوم مادر وطن جلسي کي خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌ واسين کي يوم مادر وطن جون مبارڪون هجن، خوشي آهي ته بنا لالچ جي اکين ۾ خوشحالي جا خواب سجائي هزارين ماڻهون يوم مادر وطن ۾ شريڪ ٿيا آهن هي جلسو نئين تاريخ لکندو
ھن چيو ته سنڌ جي مائرن, ڀينرن ۽ نوجوانن سدائين سنڌ جي حفاظت ڪئي آهي, سنڌ امڙ آهي ان جو مونکي وڏو فڪر آهي قادر مگسي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڌاريو وزيراعلي مسلط ڪيو ويندو ته اسان جي پيرن کان زمين کسڪي ويندو
ھن چيو ته وفاق ٽٽو ته ڪنهن به صوبي کي نقصان نه ٿيندو ان جو نقصان به سنڌ کي ٿيندو ۽ اسان خانه جنگي طرف هليا وينداسين، حڪمران چون ٿا ته ملڪ جو مستقبل نئين سر ٺاهڻ چاهيون ٿا انهن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ملڪ کي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ ماضي جي غلطين جو اعتراف ڪري 22 ڪروڙ عوام کان معافي وٺن
ھن چيو ته بلوچ ملڪ کي نه ٿا ٽوڙين ايم آر ڊي تحريڪ ۾ 10 هزار جانين جو نظرانو ڏيندڙن به ڪڏهن ملڪ ٽوڙڻ جي ڳاله نه ڪئي هئي، انهن سدائين مارشلا خلاف نعرو هڻي جمهوريت زنده باد جو نعرو هنيو
قادر مگسي چيو ته اسان کي چچريل لاش ملن ٿا ماڻهن کي بيگناه گم ڪري قيد ڪيو ويو آهي پر انهن ڪڏهن ملڪ ٽوڙڻ جي ڳاله ناهي ڪئي،ملڪ ٽوڙڻ وارا اوهان جي اکين آڏو گهمن ٿا ۽ جن 8 سالن کان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي
ملڪ ۾ 10 هزار سرمائيدار ۽ جاگيردار ماڻهن جي لسٽ ٺاهي وڃي هڪ هزار ماڻهن کي چيو وڃي ته هڪ هڪ سئو ملين رپيا جمع ڪن

9 هزار ماڻهن کان 10, 10 ملين ڊالر جمع ڪرائين ته ملڪ جو قرض لهي ويندو ۽ ملڪ خانه جنگي کان بچي ويندو