ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اعلان ڪيو آهي ته نئين مڪاني قانون تائين سنڌ حڪومت ۾ ڪو عهدو نه وٺنداسين، وفاقي حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجو فيصلو ڪرڻ جو حق رکي ٿي، ڪالهه ايم ڪيو ايم مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر چيو ته سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن بابت ايم ڪيو ايم جيڪي خدشا ڏيکاريا هئا، اهو اڄ نظر اچي پيو، 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ ڌاڙيل  چونڊ عملي کي اغوا ڪري پولنگ جو سامان کڻي ويا، ھنگامن ۽ خوف سبب ووٽر گھران گھٽ پيا نڪرن، ڇا اھڙين حالتن ۾ اليڪشن ٿيندي آھي؟!  اليڪشن ڪمشنر مامري جو نوٽيس وٺي، چيف اليڪشن ڪمشنر سٺو ماڻھو آھي، اسان نٿا چاھيون ته انھي تي آڱر کڄي، هن چيو ته  اڄوڪي الڪيشن تي پ پ حڪومت تي به سوال پيا اٿن،  اسين  پ پ جا اتحادي هوندي چئون ٿا ته پ پ وارا ڏسن ته انھن تي آڱريون پيون کڄن!! هن چيو ته  پوليس ۽ رينجرز صورتحال تي ضابطو نٿا آڻي سگهن ته پوءِ آرمي اچي ڪنٽرول سنڀالي،  هن چيو ته  پ پ قيادت  مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل جي خاطري ڪرائي آھي، آصف زرداري ارڙھين ترميم ذريعي صوبن کي اختيار ڏنا، مڪاني قانون ۾ ترميم لاءِ مسودو ٺاھڻ ۾ اسان ۽ پ پ پاران دير ٿي،  ھاڻي انھي تي قانونسازي ٿيڻ گھرجي هن چيو ته اسان پاران گڏيل اپوزيشن جي حمايت ڪرڻ تي شهباز  حڪومت ٺھي،  وزيراعظم توڙي وزير مزي سان ويٺل آھن ،اسان وزيراعظم سان ٻه ڏينهن اڳ ملاقات ڪري مٿس واضح ڪيو آھي ته متحده سان ٿيل معاھدي تي عمل نه پيو ٿئي، اسين پنهنجي فيصلي جو حق رکون ٿا، جنهن تي وزيراعظم هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي،  هن چيو ته اسان جا وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سان معاھدا ٿيل آھن،  اسانجي پھرين ترجيح ۽ خواھش ھئي ته مڪاني قانون ٺھي ۽ بلدياتي نظام مضبوط ٿئي،  نئون مڪاني قانون ٺھڻ تائين سنڌ حڪومت ۾ ٻيو ڪو به عھدو نه وٺنداسين، ٻئي طرف  ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي  ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو  ته 10 سالن کان لڳل اڻ اعلانيل پابندي باوجود ايم ڪيو ايم ڪاميابي جو سفر طئه ڪري رھي آھي، سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن دوران ڌانڌلي، جبر ۽ تشدد جا واقعا ٿيا، اسان جي شرافت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسين وڙھڻ نٿا چاھيون پر اھي ڄاڻين ٿا ته اسين وڙھي سگھون ٿا. هن چيو ته سڀ ادارا ۽ ماڻھو ڄاڻين ٿا ته ڪراچي جي نمائنده سياسي جماعت ڪھڙي آھي؟ اسان جو دشمن اسان کي اسان کان وڌيڪ سڃاڻي ٿو، ڪنهن کي پنھنجي طاقت ۽ اھميت جو اندازو نه ھجي ته ڪاميابي ناھي ملندي، ھن چيو ته جيڪي ماڻھو جمھوريت ۾ مارشلا جي ملاوٽ ڪندا رھيا، سياست ۾ تشدد کي هٿي ڏيندا رھيا، ايم ڪيو ايم جو مقابلو انھن سان آھي، اسين سمجھون ٿا ته مھاجرن جي حقن کانسواءِ ھن ملڪ جو ڪيس دنيا ۾ کٽي نٿو سگهجي ، هن چيو ته 24 جولاءِ  تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سمورين ٽائونز ۽ يونين ڪاميٽين سطح تي تنظيمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، هن چيو ته جن ملڪن ۾ فيصلا محفوظ ٿيندا آھن، اتان جو نظام غير محفوظ تي ويندو آھي، اسان ھن ملڪ کي بچائڻ لاءِ پنھنجي حصي کان وڌيڪ قربانيون ڏئي چڪا آھيون، ھاڻ طاقتور طبقي جي قربانين جو وقت آھي