ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جا  ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل ٻڌايو ته وفاق پاران 22 سيپٽمبر 2021ع تي ٻيٽن بابت جاري ڪيل آرڊيننس جو مدو 3 جنوري 2022 تي ختم ٿي چڪو آھي، وفاقي حڪومت ٻيٽن بابت نوٽيفڪيشن پڻ واپس وٺي ڇڏيو آھي، هن اهڙو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي ڪاپي پڻ جمع ڪرائي، درخواستگذار جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اهي ٻيٽ صوبائي ملڪيت آهن، وفاقي حڪومت صوبي جي زمين تي قبضو نٿي ڪري سگهي.