اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزارت هلندڙ مالي سال جي مڪمل ٿيل پهرين ٽن مهينن جولاءِ کان سيپٽمبر 2022ع تائين جي آمدني ۽ خرچن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان عرصي دوران ملڪ جي مجموعي طور تي آمدني 20 کرب 16 ارب 97 ڪروڙ 70 لک رهي، جڏهن ته خرچ 28 کرب، 25 ارب 71 ڪروڙ 10 لک رپيا رهيو، جنهن ۾ قرضن تي وياج جي ادائگي جي مد ۾ 9 کرب 53 ارب 99 ڪروڙ 30 لک رپيا، دفاعي خرچ جي مد ۾ 3 کرب 12 ارب 92 ڪروڙ 80 لک، جڏهن ته ترقياتي اسڪيمن تي خرچ 2 کرب 19 ارب 96 ڪروڙ 80 لک رپيا رهيو، جڏهن ته رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ان عرصي دوران وفاقي حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 47 ارب 47 ڪروڙ 60 لک رپين جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، گيس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس جي مد ۾ 3 ارب، گيس سرچارج جي مد ۾ 5 ارب 48 ڪروڙ 50 لک، ايل پي جي تي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 4 ارب 48 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا.