وفاق جي ترقياتي بجيٽ ۽ سنڌ سان زيادتيون

0
441

اسلام آباد ۾ هر طرف نئين مالي سال جي بجيٽ جو ذڪر هلي رهيو آهي، سرڪاري هجي يا خانگي اداري جو ملازم هر ڪوئي بجيٽ جي بحث ۾ رڌل نظر اچي رهيو آهي. عام مارڪيٽ ۾ وڃي سيڌو سامان وٺون ٿا ته دڪاندار به اهو ئي ذڪر ڪري ٿو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ڇا هوندي،ڪيئن هوندي ڇا اها عوام کي ڪو فائدو رسائيندي يا وري هڪ نئون مهانگائي جو طوفان آڻيندي.
سومر واري ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، ان اجلاس جا جيڪڏهن حال احوال ڪجن ته ان اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي پنجاب جي وڏي وزير هر ڀيري جيان وزير اعظم عمران خان جي نالي جي تسبيح پڙهندي ترقياتي بجيٽ پاس ڪرڻ جي حامي ڀري، اھڙي طرح خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان به وزيراعظم عمران خان جي سامهون چپ نه چوريا، بس ها ۾ ها ملائي ترقياتي بجيٽ پاس ڪرڻ ۾ وفاق جي مدد ڪئي.
اجلاس ۾ ڪنهن حد تائين بلوچستان جي وڏي وزير ٿورو ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان کي ترقياتي بجيٽ ۾ اضافي رقم ڏني وڃي، صوبي ۾ ڪيترائي مسئلا آهن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ رقم جي اشد ضرورت آهي، سندس اهڙي خواهش تي وزير اعظم عمران خان ۽ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ کيس چيو ته اضافي رقم ڏيڻ ممڪن ناهي جيڪي ملن ٿا اهي سنڀاليو، اهڙي جواب کان پوءِ هن به وزير اعظم آڏو هائوڪار ڪندي ترقياتي بجٽ پاس ڪرائڻ لاءِ حامي ڀري.
ٽن صوبن جي وڏن وزيرن جي رويي کي سامھون رکندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه اعتراض ڪيو، ساڻس گڏ اڳوڻو اسپيڪر نثار احمد کهڙو به موجود هو جنهن وزير اعظم آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪيو ته سنڌ صوبي سان ناانصافي بند ڪئي وڃي، وفاق پنهنجن ڀائيوارن کي سنڌ ۾ ڀرپور فائدو پهچائي رهي آهي جڏهن ته سنڌ کي مجموعي طور ترقياتي بجٽ جيڪا مقرر ٿيل هئي ان جي رقم به جاري ناهي ڪئي وئي. سنڌ جا ترقياتي منصوبا وفاق کان ورڇ جوڳي پول مان حصي جا پيسا نه ملڻ سبب اڻپورا آهن انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ رقم جاري ڇو نٿي ڪئي وڃي. اسانجي ترقياتي بجيٽ ۾ جيڪو حصو آهي ان جا به پورا پيسا نه ٿا ڏنا وڃن. سنڌ هن ملڪ جو واحد صوبو آهي جيڪو ملڪ جي ستر سيڪڙو ٽيڪس جي آمدني جمع ڪري وفاق کي ڏئي ٿو، ان باوجود سنڌ کي رقم نه ملڻ زيادتي آهي. وڏي وزير سائين مراد علي شاھه جي اهڙن جملن وزير اعظم جي چهري تي مرڪ آندي ۽ هن کيس جواب ڏيڻ پئي چاهيو پر هن کيس ان ڪري جواب نه ڏنو ته نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل اهڙين ڳالهين جو فورم ناهي، ان باوجود وزير اعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير کي روڪيندو رهيو ۽ آخر ۾ تنگ ٿي کيس چيو ته ڳالھه بعد ۾ ڪيو پهريان اسانجي معاشي ٽيم جو موقف ٻڌو. سائين مراد علي شاهه وزير اعظم جي اهڙي جواب تي چهري تي ڪاوڙ ته ظاهر ڪئي پر هو به ڪجهه چئي نه سگهيو پر اهو چئي اين اي سي جي اجلاس مان نڪتو ته هو اين اي سي جي ترقياتي بجيٽ تي اعتراض ڪري ٿو. اين اي سي جو اجلاس سال ۾ چار ڀيرا گهرائڻ جو چيو ويو پر صرف هڪ ڀيروگهرايو ويو. اهڙي رويئي تي سنڌ هن اين اي سي جي اجلاس تي پنهنجو اختلافي نوٽ جمع ڪرائيندي جيڪو هڪ ٻن ڏينهن ۾ جمع ٿي ويندو. سائين مراد علي شاھه اهي لفظ چئي نثار کهڙي سان گڏ نڪري آيو ۽ سڌو اسلام آباد ۾ واقع سنڌ هائوس تي پهتو جتي اسان جهڙن ڪجهه صحافين سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير جو اسان جهڙن صحافين ان لاءِ آڌر ڀاءُ ڪيو ته شايد سائين اين اي سي اجلاس بابت ڪا غير رسمي گفتگو ڪري وجهي پر سائين جيئن صحافين کي ڏٺو ته چيائين اچو ته پريس ڪانفرنس ڪيون ٿا، اسان سوچيو سين ان کان ٻي ڪهڙي چڳي ڳالھه هوندي جو سموري ڳالهه ٻولهه ريڪارڊ تي اچي وڃي.
سائين مراد علي شاھه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ هر سال ناانصافي ٿيندي رهي آهي اين اي سي جي اجلاس ۾ جيڪا بجيٽ ٽي سال پهريان سنڌ لاءِ رکي وئي اها هن سال به ساڳي رکي وئي آهي. اين اي سي جي اجلاس ۾ سنڌ جي موقف کي نه ٻڌڻ سبب ان اجلاس ۾ اختلافي نوٽ جمع ڪرائيندا سين.
ان پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کان پاڻي وهڪرن ۽ ارسا جي ڪردار، پاڻي ٺاھه، سنڌ ۽ پاڻي چوري بابت سوال ڪيا ته وڏي فخر واري انداز ۾ چيو ته 1991ع وارو پاڻي ٺاهه پيپلز پارٽي ڪڏهن مڃيو ناهي، اهو معاهدو جڏهن ٿيو ان وقت پيپلز پارٽي اپوزيشن ۾ هئي،
ملڪي مفاد خاطر ان ٺاھه کي قبول ڪيو سين پر افسوس جو مارچ 1991ع ۾ ٿيندڙ معاهدي هيٺ جڏهن ارساجي پهرين ميٽنگ ٿي ان ۾ ئي پنجاب پاڻي جي ارسا ٺاھه تحت ورڇ تي اعتراض ڪيو. سائين مراد علي شاھه چيو ته پاڻي ٺاھه تي ڪنهن نه ڪنهن سبب 1999ع تائين ڪنهن حد تائين عمل در آمد ٿيو پر ان تي 1999ع کانپوءِ عمل نه ٿيو. 1999ع کان وٺي 2021ع تائين جو ڪاٿو لڳايو آھي ته سنڌ کي ستاويهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو نقصان ٿيو آهي ۽ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ هڪ ارب ڊالر جو آهي انهن سالن ۾ سنڌ جو مجموعي طور ستاويهه ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. ان جو پورائو ڪير ڪندو ، سنڌ جو وڏو وزير سلجهيل سياست دان آهن
هن پارٽي پاليسي مطابق صوبن مٿان تنقيد نه ڪئي صرف وفاق کي نشانو بڻايو. پريس ڪانفرنس ۾ اهم موڙ ان وقت آيو جڏهن صحافين بحريه ٽائون ڪراچي واري منصوبي کان پوءِ ان جي جيڪا واڌ ٿي ان خلاف سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن جي قيادت ۾ لڳل ڌرڻي بابت سوال ڪيا.
سائين مراد علي شاهه بحريه ٽائون واري ما مري تي پڇيل سوالن جي جوابن ۾ چيو ته پيپلز پارٽي هڪ جمهوري سوچ رکندڙ پارٽي آهي اها ڪنهن کي به احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ جو سوچي نٿي سگهي، ان احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن سان مقامي انتظاميا ڳالهيون ڪيون ۽ اهو طئي ٿيو ته سپر هائي وي بلاڪ نه ڪيو ويندو. پر افسوس جو سپر هاءِ وي بلاڪ ڪري ٽريفڪ جي رواني کي روڪيو ويو ۽ بحريه ٽائون جي ڪجهه عمارتن کي باھه ڏني وئي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ واضع لفظن ۾ چيو ته بحريه ٽائون کي سپريم ڪورٽ 460 ارب روپين جي عيوض قانوني قرار ڏنو آهي ان خلاف ڪيئن قانوني ايڪشن کڻي سگهجي ٿو، ڪيئن سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري کان روڪي سگهجي ٿو پر جيڪڏهن بحريه ٽائون الاٽ ٿيل زمين کان هڪ انچ به زمين وڌيڪ کنئي ته ايڪشن وٺند اسين. بحريا ٽائون جي زمينن تي ناجائز قبضن خلاف ان احتجاج ۾ ٿيل نقصان بابت سنڌ جي وڏي وزير کي علم نه هو.سنڌ جي حڪمرانن کي ڪجهه حقيقتون خاص طور بحريا ٽائون جي حوالي سان ٻڌائڻ ضروري آهن، ڇاڪاڻ جو هو بحريا ٽائون کي قانوني ڪرڻ واري عدالتي فيصلي جو بار بار ذڪر ڪن ٿا.سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون وارو ڪيس ان وقت سامهون آيو جڏهن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي دور ۾ ڪراچي بدامني وارو پاڻ مرادو ڪيس شروع ٿيو،
ان پاڻ مرادو ڪيس جي ٻڌڻي دوران بحريا ٽائون ڪراچي کي جيڪا زمين سنڌ بورڊ آف روينيو ۽ ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ملي الاٽ ڪئي اها ڪيئن الاٽ ٿي ان جي جاچ ڪرڻ لاءِ هڪ درخواست داخل ٿي جنهن تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ريڪارڊ طلب ڪيو. نه چاهيندي به اهو ريڪارڊ پيش ڪيو ويو جنهن مطابق ڪراچي بحريا ٽائون کي جيڪا زمين ڏني وئي اها زمين جي بدلي ۾ زمين واري سودي تحت ملي آهي، بحريا ٽائون جيڪا زمين سنڌ حڪومت کي ڏني اها ڪنهن نه ڪم جي جڏهن ته هنن کي ڏنل زمين سون جو ملھه رکڻ واري هئي، زمين الاٽ ٿي ان تي تعميراتي ڪم شروع ٿيو، گهر تعمير ٿيا، فليٽ تعمير ٿيا پر لالچ ختم نه ٿي. عدالت ۾ جمع ڪرايل ريڪارڊ کي سامھون رکندي عدالت اها سرڪاري زمين جيڪا مفت ۾ بحريا ٽائون کي الاٽ ڪئي وئي ان جو اگهه مقرر ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته 460 ارب روپيا ماهوار قسط طور سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا وڃن پر افسوس جو بحريا ٽائون گذريل ٻن سالن ۾ هن وقت تائين صرف سٺ ارب روپيا جمع ڪرايا آهن ۽ هاڻي وڌيڪ پيسا جمع نه ڪرائڻ لاءِ ٽال مٽول هلي رهي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ حڪومت جا وزير بحريا ٽائون جو ايئن ڇو ٿا دفاع ڪن، جڏهن ته هنن کي علم آهي ته جنهن زمين تي بحريا ٽائون موجود آهي اها ڪيئن الاٽ ٿي، ان سچ کي ڪيئن ۽ ڪيستائين لڪائي سگهجي ٿو. سوشل ميڊيا تي موجود هي ويڊيوز جنهن ۾ صاف نظر اچي رهيو آھي ته بحريا ٽائون وارا مشينن سان گڏ انهن علائقن ۾ صدين کان رهندڙن کي ڪيئن بي گهر ڪري رهيا آهن،
ڇا انهن جي سنڌ حڪومت جي نظر ۾ ڪا ويليو ناھي، سنڌ حڪومت جا وزير اهو ڇو نٿا ٻڌائن ته سوشل ميڊيا تي قبضي واريون ويديوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺي جاچ جي هدايت ڪئي هئي، ڇا ان جاچ جي ڪا پيش رفت ٿي آهي،
شايد نه، سنڌ حڪومت بحريا ٽائون واري مامري تي ڄاڻي واڻي ڪو ايڪشن وٺڻ نٿي چاهي، بي شڪ ڪو ايڪشن نه وٺي پر سندس اهو عمل ڪنهن وقت به عوامي ڪاوڙ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي جي سامهون اچي سگهي ٿو. گهر يا گهرن تي ٻڌل سوسائٽيون به تڏهن سٺيون لڳنديون جڏهن انهن زمينن تي خون نه ٿيل هجن، بحريا ٽائون جي ڪراچي جي زمين هجي يا وري راولپنڊيءَ ۽ اسلام آباد وارو بحريا ٽائون هجي انهن زمينن تي خون وهايل آهن اهي آباد نه ٿي سگهنديون ۽ جن به بحريا ٽائون کي سنڌ جي اصلوڪن ماڳن کي زمين تان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن جا نالا انهن جي ساٿين سان گڏ تاريخ ۾ چڱن لفظن ۾ ڪو نه لکيا ويندا.
مان انهن احتجاج ڪندڙن کي به اپيل ڪيان ٿو ته هو ڪراچي کان حيدرآباد تائين جي سپر هائي وي جي ٻنهي پاسن کان اسٽيبلشمينٽ وارن جون به هائوسنگ سوسائٽيون آهن انهن به بحريا ٽائون وارن کان گهٽ ظلم ناهي ڪيو انهن خلاف به آواز اٿارڻ گهرجي.