وفاقي گادي واري شهر جو نئون بلدياتي نظام عدالت ۾ چيلينج

0
182
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي راڄڌاني جي نئين مڪاني نظام کي چئلينج ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن نئين لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ميئر جي سڌي چونڊ ۽ ڊپٽي ميئر کي هٽائڻ قانون جي خلاف آهي ۽ غير چونڊيل ماڻهو جي ڪائونسل به قانون جي ڀڃڪڙي آهي

درخواستگذارن جو موقف آهي ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع جي موجودگي ۾ آرڊيننس ذريعي نئون نظام غير آئيني آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صدر ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي گهرو سيڪريٽري ۽ قانون واري سيڪريٽري کان 11 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي