اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا سمري سرڪيوليشن ذريعي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ بليغ الرحمان  کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، “پنهنجي اخبار” وٽ موجود ڪابينا جي فيصلي ۾ چيو ويو  آهي ته وفاقي ڪابينا سمري سرڪيوليشن ذريعي ڪالهه بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر فوري طور تي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ياد رهي ته صدر پاران بليغ الرحمان کي گورنر مقرر ڪرڻ واري سفارش اماڻڻ تي وزيراعظم کي صدر پاران نظرثاني ڪرڻ جو مشورو ڏيندي عمر سرفراز چيما کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو.